مانچسٽر -11 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 19 کان 23 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. مهمان آسٽريليا جي ٽيم کي ميزبان انگلينڊ خلاف پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مينز ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ 19 کان 23 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم کي آل رائونڊر بين اسٽوڪ ليڊ ڪندو جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اڄ تائين 72 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون آهن جن مان آسٽريليا 34 ۾ فتح حاصل ڪئي جڏهن ته 32 ۾ انگلينڊ ڪامياب رهي. 6 ميچون بغير ڪنهن نتيجي ختم ٿيون.