لنڊن- 21 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 28 جون کان 2 جولاءِ تائين انگلينڊ جي تاريخي گرائونڊ لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. مهمان آسٽريلوي ٽيم کي ميزبان انگلينڊ خلاف 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڪينگروز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ کي سنسي خيز مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مينز ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ 28 جون کان 2 جولاءِ تائين لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ ٽيم جي مشهور آل رائونڊر اسٽوڪس ليڊ ڪري رهيو آهي، آسٽريلوي ٽيم مشهور فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. ايشز سيريز جون پنج ئي ميچون انهي پنج هنڌن تي کيڏيو وينديون جتي 2019ع جي ايشز سيريز جون ميچون کيڏيون ويون هيون. انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ 72 ايشز سيريز ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ آسٽريليا جو پلڙو ڀاري آهي. 34 ۾ آسٽريليا فتح حاصل ڪئي جڏهن ته 32 سيريز انگلينڊ جي نالي رهيون، 6 ايشز سيريز بنا نتيجي رهيون. هي سيريز مجموعي طور تي 73 هين ايشز سيريز ۽ انگلينڊ ۾ ٿيندڙ 37 هين سيريز آهي.