راولپنڊي _26 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ خميس ڏينهن تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي . ميچ ڊي نائٽ هوندي . 3 لڳي 30 منٽن تي کيڏي ويندي . ان کان اڳ ٻنهن ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي 20 انٽر نيشنل ميچن جي سيريز 2_2 تان برابر آهي جڏهن ته هڪ ميچ برسات جي نذر ٿي وئي هئي.