اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مملڪتي سربراهن ۽ حڪومت، يورپي يونين، ترقي جي حصيدارن ۽ گڏيل قومن جو ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ تي ٿورو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سڀني جي وچ ۾ پنهنجي شاندار قيادت جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان جي عوام سدائين سندس ٿورائتي رهندي. هن چيو ته دنيا گذريل ڏينهن ڏٺو ته انسانيت جي المئي مان نڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح گڏيل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ گڏ ٿي ڪري پنهنجي پنهنجي حصيداري جو نمونو پيش ڪري سگهي ٿي. مان جنيوا ۾ اظهار همدردي ڏسي ڪري متاثر ٿيو آهيان. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي زندگي ۽ اميد جي تعمير نئين سر ڪنداسين.