اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ريزيليئنٽ سان پنهنجي خطاب ۾ وچ ۽ ڊگهي مدي واري ريڪوري، بحالي ۽ نئي سر تعمير جي ضرورتن جو خاڪو پيش ڪيو، موسمياتي بحران، ملينيم ڊولپمينٽ گولز کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومن جي صلاحيت کي شديد خطرن ۾ وڌو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪانفرنس کي پنهنجي خطاب ۾ دنيا کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ٻوڏ جي تباهين اسان جي صحت ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته پنهنجي خطاب ۾ دنيا کي خوراڪ جي عدم تحفظ بابت به آگاهه ڪيو. هن چيو ته موسمياتي بحران هزاريه ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومن جي صلاحيت کي شديد خطرن ۾ وڌو آهي، معمول موجب زندگي تي وڃڻ جو سوال ئي نه ٿو ٿئي. وزيراعظم چيو ته اميد جي پائيدار مستقبل طرف منتقلي جي لاءِ دنيا کي ويزن ۽ يڪجهتي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، آفتن جي اونداهين کي موقعن جي روشني ۾ بدلائڻو پوندو.