جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد ۽ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جا ٿورا مڃيا آهن. ناڻي واري وزير اها ڳالهه جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي موضوع تي منعقد عالمي ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر محمد الجاسر سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي بدترين ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد ۽ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بئنڪ سدائين پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ناڻي واري وزير کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.