اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري نجي قرضن تي وياج جي خاتمي واري بل 2022ع جي توثيق ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب بل جي ذريعي نجي طور تي وياج تي ٻڌل رقم اڌار ڏيڻ جو ڪاروبار ۽ ڪم ڪرڻ، قرض ڏيڻ ۽ وياجي ڏيتي ليتي تي پابندي هنئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2022ع جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي، بل جي ذريعي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 ڪي تحت ڏني آهي.