جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ملڪ جي اڪثر حصن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري بدترين تباهي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ملڪ ۾ ٻوڏ جي بحالي تي ايندڙ خرچ هن سال جون ۾ 3 ارب ڊالر کان وڌي سگهن ٿا. جنيوا ۾ پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني ۾ موسمياتي تبديلين جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي بنيادي ڍانچي ۽ فصلن جي نقصان جي ڪري تمام گهڻي معاشي نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ جي ڊي پي ۾ غربت جي بلند شرح، ماحولياتي نظام جي تباهي، ماحوليات ۽ آبهوا جي تباهي، نوڪرين ۾ گهٽتائي ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين کي صنفي تشدد ۽ ٻارن جي شادي جو پڻ خطرو آهي. واضح رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ (پي ڊي اين اي) پاڪستان حڪومت ۽ ان جي عالمي ترقياتي حصيدارن بشمول ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، يورپي يونين، گڏيل قومن جي امدادي ادارن گڏيل طور تي ڪيو هو جنهن ۾ هن آفت جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 30.1 بلين ڊالر لڳايو ويو هو. ان ۾ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصانن ۾ 14.9 بلين ڊالر ۽ اقتصادي نقصانن ۾ 15.2 بلين ڊالر شامل آهن. بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ نشاندهي ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ضرورتن جو ڪاٿو 16.3 بلين ڊالر لڳايو ويو هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪل 16.3 بلين ڊالر مان پاڪستان حڪومت 50 سيڪڙو پنهنجي وسيلن سان خرچ ڪندي جڏهن ته هن عالمي برادري کي درخواست ڪئي آهي ته اها ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي 8 بلين ڊالر جي مدد ڪري ته جيئن پاڪستان پنهنجي تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر کي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ٻيهر تعمير ڪري سگهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت اڳ ۾ ئي شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي. ٻوڏ وڏي پئماني تي اثر ڇڏيا آهن. هن آفت جي سڌوسنئون نتيجي جي طور جي ڊي پي کي ٿيندڙ نقصان مالي سال 2022ع ۾ اٽڪل 2.2 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، زراعت جي شعبي ۾ 0.9 سيڪڙو جي سڀ کان وڏي کوٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ضرورتن جو ڪاٿو مالي سال 2023ع جي بجيٽ جي قومي ترقياتي خرچن کان 1.6 وڌيڪ آهي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جن گذريل سال موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ بدترين تباهين کي منهن ڏنو،چوماسي جي برساتن، ڪجهه حصن ۾ سراسري کان اٽڪل 400 سيڪڙو وڌيڪ، وسيع بنجر علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. وڌيڪ اهو ته 1700 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، جن مان ٽيون حصو ٻار هئا. غريب ترين ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. انهن ۾ بنيادي ڍانچي جي نقصانن ۾ اٽڪل 13000 ڪلوميٽر رستا، 400 پليون ۽ ڪيترائي سئو ڊيم، ۽ 25000 کان وڌيڪ اسڪول ۽ 1500 صحت جون تباهه ٿيل سهولتون به شامل آهن.