اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي نئين پرڏيهي وزير ڪين گينگ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري ڪين گينگ کي چين جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين آزمايل دوست ۽ حصيدار آهن جن جي گڏيل حمايت ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻطرفي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي عزم کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ چين جي فعال شرڪت ۽ حمايت تي چين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير جي لاءِ چين جي فراخدلاڻي ۽ وقت سر امداد پاڪستان جي لکين ماڻهن جي لاءِ سڪون جو سبب آهي ۽ هن عالمي تعاون جي هڪ روشن مثال طور ڪم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چين جي نئين قمري سال جي موقعي تي پنهنجي چيني هممنصب ڪين گينگ، پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ مرڪزي پرڏهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر وانگ يي سان پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي مبارڪباد ڏني.