جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري تمام وڏو نقصان کڻڻو پيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ عالمي برادري جو تعاون ۽ حمايت اهم آهي، ان ڏس ۾ فني صلاحيت سان گڏوگڏ فنڊنگ ۽ وسيلن جي بنا رڪاوٽ فراهمي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريزيليئنٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ڪري رونما ٿيندڙ خطرن جي حوالي سان فرنٽ لائين تي آهي، اهي اثر تازو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن جو مشاهدو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، عالمي ادارن، اسان جي پارٽنرز ۽ عالمي تنظيمن پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي لاءِ دوائون، خوراڪ، رهائش ۽ روزگار جهڙيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڪيلي ايتري وڏي پئماني تي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم مڪمل نه ٿو ڪري سگهي، ان جي لاءِ عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ، گليشيئرز جي پگهڙڻ، گرمي جي شديد لهرن ۽ سوڪهڙي جهڙي صورتحال ۽ ان سان واڳيل خطرن جي ڏس ۾ رسڪ مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ماحولياتي لحاظ کان مضبوط ۽ لچڪدار ملڪ بڻائي ان صورتحال جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن پاڪستان جي فني صلاحيت سان گڏوگڏ فنڊنگ ۽ وسيلن جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.