راولپنڊي – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب صدر ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. صدر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي انهن آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ عزم کي ساراهيو.