اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس مڪمل ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ انهن کي مبارڪباد ڏني. آءِ ايس پي آر موجب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2023ع جي گريجوئيشن جي تقريب ٿي. تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو. نيشنل سيڪيورٽي ڪورس ۾ پاڪستان جي سول سروسز ۽ هٿياربند فوج جي آفيسرن حصو ورتو. ان ڪورس جو فوڪس ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ”جامع قومي سلامتي“ ۾ قومي قوت جي عنصرن جي گڏيل عمل کي سمجهڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. صدر فارغ ٿيندڙ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو.