اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر فوجداري قانون (ترميمي) بل 2022ع جي توثيق ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بل جي ذريعي پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 ۾ خودڪشي جي ڪوشش جي سزا بابت سيڪشن 325 کي ختم ڪيو ويو آهي. صدر عارف علوي ٻاهرئين سيڙپڪاري (فروغ ۽ تحفظ) ترميمي بل 2022ع جي پڻ توثيق ڪئي. بل جي ذريعي ٻاهرئين سيڙپڪاري (فروغ ۽ تحفظ) ايڪٽ 2022ع جي سيڪشن هڪ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر عارف علوي ٻئي بل آئين جي آرٽيڪل 75 ڪي تحت منظور ڪيا.