APP50-251122 ISTANBUL: November 25 –Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif holds a joint press conference along with Turkish President H.E Recep Tayyip Erdogan . APP

استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ شموليت جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ان سان غربت جي خاتمي ۽ ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولت وسيلي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان چيني صدر شي جن پنگ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت سي پيڪ جي فائدن مان لاڀ پرائي رهيو آهي، منهنجي تجويز آهي ته ان کي چين پاڪستان ۽ ترڪيءَ تائين وڌايو وڃي، هي هڪ شاندار گڏيل تعاون هوندو. هن چيو ته ان سان پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿي سگهندو، اسان جي غريب ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي طرح اسان اڄ جي دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ترڪيه سي پيڪ ۾ شموليت جي خيال تي اڳيان وڌي ٿو ته کين چيني قيادت سان ان معاملي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان پاران شاندار استقبال ۽ پرجوش مهمان نوازي تي ان جا ٿورا مڃيا. هن ان موقعي تي استنبول ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي روح جي ثواب لاءِ دعا ڪئي. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف هزارين جانين جي قرباني ڏيندڙ پاڪستان ترڪ عوام جي جذبن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ نه رڳو پاڪستان ۽ ترڪيه پر سڄي دنيا مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪاويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خلوص، مقصد ۽ گڏيل تعاون کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ شين جون عالمي قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ اسرندڙ ملڪن جي پهچ کان ٻاهر ٿي رهيون آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي اعليٰ سطح تي وٺي وڃڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي دفاعي تعاون کي هاڻي نئين چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، جدت، مهارت ۽ تعاون جي لحاظ کان ان کي سگهه ڏيڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال آگسٽ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهدن تي موثر عملدرآمد تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ هڪ بلين ڊالر جو واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي نه ٿو ڪري، ان کي گهٽ ۾ گهٽ 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب ۾ آڻڻ جي ڪوشش آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ٻئي ملڪ واپار، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پراميد آهن. هن چيو ته ترڪيه دهشتگردي خلاف پاڪستان جي جنگ جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ الفتح تنظيم جي دهشتگردي جي ڪارروائي جي خلاف ترڪيه جي حمايت تي اسان پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جو جشن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ فوتگين ۽ تباهي تي ڏک جو اظهار ڪندي ترڪ صدر چيو ته مشڪل وقت ۾ اسان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي خوشي ۽ ان جو ڏک اسان جو ڏک آهي.