استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه سان ٻطرفي واپار سميت سمورن شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان ۽ ترڪيه متحد آهن، عالمي سطح تي قيمتن ۾ بي پناهه اضافي سان اسرندڙ ملڪ وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ترڪيه کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، صدر رجب طيب اردوان جي پرجوش ميزباني تي انتهائي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان ۽ ترڪيه متحد آهن. هن چيو ته ترڪيه سان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ٿيو، قيمتن ۾ اضافي سان اسرندڙ ملڪ وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان گڏجي سي پيڪ منصوبا اڳتي وڌائي رهيو آهي، سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه هڪ جان ٻه دل ۽ مثالي ڀائر ملڪ آهن. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان گڏيل طور تي پي اين ايس خيبر جي لانچنگ ڪئي، اسان پاڪستان سان گڏجي ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڀرپور قدم کنيا. هن چيو ته اسان پاڪستاني ٻوڏ متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن چيو ته ٻطرفي واپار ۾ اضافو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو، ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.