اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسحاق ڊار جي واپسي تي هڪ پرڏيهي ايجنٽ، هيرن ۽ گهڙين جي سوداگر، اٽي ۽ کنڊ چور جو روڄ راڙو ته ٺهي ٿو، اهي ڀلي روڄ راڙو ڪن، رانڀاڙ ڪن يا پٽڪو ڪن پر اسحاق ڊار پاڪستان پهچي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته الحمدالله اسحاق ڊار جو واپس اچڻ عمران خان جهڙي ڪوڙي ۽ شيطاني شخص جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، جنهن جي گونج ۾ روزانو اضافو ٿيندو. اسحاق ڊار ڪنهن عدالت مان سزا يافته نه آهي، هو جلد سينيٽر جو حلف کڻندو.