اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي جاکرو ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي خيما بستيءَ ۾ انهن سان ملاقات ڪندو.