APP67-070622 ISLAMABAD: June 07 – A Federal Minister for Information and Broadcasting Marriyum Aurangzeb, Federal Minister for Communication Molana Asad Mahmood, Federal Minister for IT Amin Ul Haq and Advisor to PM on Kashmir Affairs Qamer Zaman Kaira briefing the media person about the decision taken in Federal Cabinet meeting. APP

اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي حڪومت توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، 30 جون تائين لوڊشيڊنگ جو وقت ٻه ڪلاڪ ڪيو ويندو، قابل تجديد توانائي جي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويندو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع تائين 14000 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، ان جي ابتڙ تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ بجلي جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، ڪابينا ۽ سرڪاري اهلڪارن جي پيٽروليم ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سرڪاري شعبي ۾ هر طرح جي گاڏين جي خريداري، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻاهرين ملڪ دورن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻاهرين ملڪ علاج تي پابندي هوندي، ڪابينا ڇنڇر ڏينهن جي موڪل بحال ڪري ڇڏي آهي ۽ سرڪاري گڏجاڻيون وڌ کان وڌ ورچوئل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، امين الحق ۽ ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توانائي واري وزارت ملڪ ۾ بجلي بحران تي بريفنگ ڏني، ڪابينا گذريل چار سالن دوران بجلي جي پيداوار، گهرج ۽ موسمياتي تبديلين جو جائزو ورتو. هن ٻڌايو ته هن وقت بجلي جي گهرج 28400 ميگاواٽ آهي، 2700 ميگاواٽ بجلي لاسز وارن فيڊرن ۾ هلي ويندي آهي، لاسز وارن فيڊرز کي ڪڍي ڪري 25600 ميگاواٽ بجلي جي گهرج ۽ سپلائي 21 هزار ميگاواٽ آهي جنهن ۾ 4600 ميگاواٽ جو فرق آهي، هن چيو ته غير معمولي هيٽ ويو جي صورتحال به درپيش آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ڪابينا صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي فيصلا ڪيا ته جيئن سپلائي ۽ ڊيمانڊ جي فرق کي ختم ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018 ۾ 14 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي سسٽم ۾ شامل ڪري لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو هو، هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ ان موجب بجلي سسٽم ۾ وجهڻ ضروري عمل آهي، موسمياتي تبديلي جي ڪري به بجلي جي گهرج ۽ کپت ۾ فرق پوندو آهي، هن چيو ته ايل اين جي بيسڊ تريمون پراجيڪٽ 1200 ميگاواٽ جو منصوبو آهي جنهن سان ڊسمبر 2019ع ۾ بجلي سسٽم ۾ داخل ٿيڻي هئي پر اهو منصوبو اڃان تائين هلي نه سگهيو، ڪول بيسڊ شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر جو منصوبو فيبروري 2022ع ۾ ۽ 720 ميگاواٽ جو ڪروٽ هائيڊل پراجيڪٽ منصوبو جنوري 2022ع ۾ شروع ٿيڻو هو جيڪو شروع نه ٿي سگهيو، هن چيو ته 2018ع ۾ ڊيمانڊ موجب بجلي جو بندوبست ڪيو ويو، ان کانسواءِ اهي منصوبا به ڏنا ويا جنهن کي ايندڙ ٽن کان چئن سالن ۾ آپريشنل ٿي وڌندڙ گهرج جو بندوبست ڪرڻو هو پر گذريل حڪومت انهن منصوبن تي ڪو ڪم نه ڪيو جنهن جي ڪري هن وقت بجلي جو بحران پيدا ٿيو، هن چيو ته وزيراعظم لوڊشيڊنگ جا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا، هن ٻڌايو ته ”ڪي ٿري“ منصوبو، لڪي، صبا (Sabab)، ڀکي، مظفر ڳڙهه پراجيڪٽس مان 2871 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي، مختلف سببن جي بيناد تيا نهن منصوبن مان بجلي سسٽم ۾ شامل نه ٿي رهي هئي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت منصوبن جي مرمت ۽ کين آپريشنل ڪرڻ تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 6 جون کان 15 جون تائين ساڍا ٽي ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿيندي، 16 کان 24 جون تائين ساهيوال جي ڪول بيسڊ پراجيڪيٽ مان 600 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو وقت ٽي ڪلاڪ گهٽجي ويندو، هن چيو ته 25 کان 29 جون تائين ڪراچي ۾ ڪي ٽو پراجيڪٽ مان 1040 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي جنهن کانپوءِ سپلائي 22840 ميگاواٽ تي اچي ويندي ۽ لوڊشيڊنگ جو وقت اڍائي ڪلاڪ تي اچي ويندو، اهڙي طرح 30 جون تائين پورٽ قاسم ڪول بيسڊ پلانٽ مان 600 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي جنهن کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو وقت 2 ڪلاڪ تائين اچي ويندو، هن ٻڌايو ته ڪجهه اضافي منصوبن کي آپريشنل ڪرڻ تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته دير جو شڪار منصوبن کي مڪمل ڪري سسٽم ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته هن وقت غير معمولي چئلينجنگ صورتحال درپيش آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا قابل تجديد توانائي جي منصوبن تي به غور ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته ڪابينا ڪنزوويشن پلان جي به منظوري ڏني جنهن تحت ڪابينا جي ميمبرن ۽ سرڪاري اهلڪارن جو فيول جي مد ۾ ڪوٽا 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا کي 33 سيڪڙو ڪوٽا گهٽ ڪرڻ جي تجويز ملي هئي تنهن هوندي به وزيراعظم ۽ ڪابينا اها ڪوٽا 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني، هن چيو ته عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي، اسان جيڪي قدم کنيا آهن انهن جو آغاز ڪابينا کان ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته درپيش بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪئي آهي، ان فيصلي سان ساليانو 386 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي، هن ٻڌايو ته توانائي واري وزارت تجويز ڏني آهي ته جمعي واري ڏينهن ورڪ فراهم هوم ڪيو وڃي، ڪووڊ جي اندر به اها صورتحال درپيش هئي ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ان حوالي سان انتظامي معاملن تي غور ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪندي، هن ٻڌايو ته ڪابينا متبادل ڏينهن ۾ اسٽريٽ لائٽس روشن ڪرڻ جي به منظوري ڏني، اهو ڪم صوبن ۽ ميونسپل اٿارٽيز سان گڏجي ڪيو ويندو، وفاقي وزير چيو ته ڪمرشل مارڪيٽس کي جلد بند ڪرڻ جي تجويز تي به ڪابينا جي اجلاس ۾ غور ٿيو، ان حوالي سان سڀاڻي هڪ اجلاس ٿي رهيو آهي، سمورن صوبائي وڏن وزيرن، واپارين ۽ ڪاروباري برادري سان گڏجي ان باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته ڪابينا گاڏين جي ٽيوننگ لاءِ صوبن سان گڏجي ٽيون اپ سينٽرز جو نيٽ ورڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن گاڏين جي ٽيوننگ وقت سر ٿئي، اهڙي طرح گاڏين جي فيول جي بچت ٿيندي، ان کانسواءِ ٽريڪٽرز جي مرمت ۽ ٽيوننگ لاءِ ٽيون اپ سينٽرز جي تعداد کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته هارين ۽ لاڳاپيل ٽيڪينڪل اسٽاف کا ان ڏس ۾ تربيت فراهم ڪئي ويندي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا توانائي جي بچت لاءِ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ڪابينا وڌ کان وڌ سرڪاري ميٽنگز ورچوئل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي طرح سفري خرچن ۾ به بچت ٿيندي، زوم ميٽنگز ۽ ڊجيٽل ميٽنگز جهڙي پليٽ فارمز کي اهڙي طرح جي گڏجاڻين لاءِ استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪابينا ڪفايت شعاري جي قدمن جي به منظوري ڏني، سرڪاري شعبي ۾ گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي هوندي، صرف ايمبولينس ۽ اسڪول بسن لاءِ ڇوٽ حاصل هوندي، باقي سمورين گاڏين جي خريداري تي هن سال مڪمل پابندي هوندي، هن ٻڌايو ته آفيسن ۾ فرنيچرز جي خريداري تي به پابندي هوندي، آفيس جي استعمال جي مشينري ۾ ڪجهه ڇوٽ آهي، ان حوالي سان هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا ڪفايت شعاري جي قدمن کي مانيٽر ڪندي، هن چيو ته حڪومتي آفيسرن ۽ وزيرن جي آفيشلز وزٽس تي پابندي هوندي، صرف ضروري وزٽس جي اجازت هوندي، لازمي دورن تي فيصلو ڪندي ڪندي ۽ ان کانپوءِ ان جي اجازت ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا سرڪاري عملدارن جي ٻاهرين ملڪ علاج تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ان کانسواءِ سمورين حڪومتي آفيسن ۽ خودمختيار ادارن جي اندر مانجهاندو، آجياڻو ۽ هاءِ ٽي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انسپيڪشن ڪميٽيون ان جي نگراني ڪنديون، يوٽيلٽي خرچن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪابينا ڪفايت شعاري جي انهن سمورن قدمن جي منظوري ڏني آهي ۽ ان تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ۾ اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ تي تفصيلي بحث ٿيو، ڪابينا پاران مختلف تجويزون به آيو ته ڪهڙي طرح اليڪشن ڪميشن جي ورڪنگ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ته جيئن ايندڙ اليڪشن شفاف ۽ غير جانبدار ٿئي، هن چيو ته ڪابينا تجويز ڏني آهي ته پارليامينٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي ۽ پارلياماني ڪميٽيون ان حوالي سان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ تجويزون جوڙيون، هن چيو ته اليڪٽوريل ريفارمز حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وفاقي وزير چيو ته ڊسڪه اليڪشن جي حوالي سان رپورٽ به ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪابينا جي ميمبرن ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان رپورٽ ۾ لوئر اسٽاف، ٽيچرز ۽ مختلف کاتن جي عملي تي ذميداري لاڳو ڪئي وئي ته جيڪا اليڪشن منعقد ڪرائيندو آهي، ڊسڪه اليڪشن جي حوالي سان هڪ مڪمل رپورٽ به موجود آهي، ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن جي ٽي پريس رليز به آهن ته ڪهڙي طرح ذميدار غائب ٿيا، اليڪشن ڪميشن ان ڳالهه کي بار بار اٿاريندو رهيو پر ڪا ٻڌڻي نه ٿي، اليڪشن ڪميشن جو عملو اغوا ٿيو، ووٽن جا ڏٻا چوري ٿيا، ڌنڌ سبب عملو، پرزائيڊنگ آفيسر لاپتا ٿي ويا، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اسان ووٽ جا ڏٻا چوري ٿيندي ٻڌو هو پر ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڌنڌ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جو پورو عملو غائب ٿي وڃي، هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ان معاملي جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ان طرح جي فيصلن جو اثر ايندڙ اليڪشن جي شفافيت تي به پوندو، اهو پاڪستان لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، مريم اورنگزيب چيو ته ذميدارن کي قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن آئنده ڪو به اليڪشن جي عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي سستا پيٽرول ٽارگيٽڊ اسڪيم 28 ملين روپين جو پيڪيج آهي، ان پيڪيج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ 786 تي ايس ايم ايس ڪرڻو آهي، بي آءِ ايس پي کانسواءِ جن ماڻهن جو پگهار 40 هزار کان گهٽ آهي اهو 786 تي ايس ايم ايس ڪري فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته حڪومت مشڪل فيصلن سان عوام کي رليف ڏيڻ جا فيصلا ڪيا، اسان لاءِ تمام گهڻو آسان هو ته اسان حڪومت ۾ ايندي ئي پيٽرول جي قيمت وڌائي ڇڏيون ها ڇو ته اها سمري پوئين حڪومت جي هئي، معاهدي تي صحيحون به گذريل حڪومت جون هيون پر اسان عوام جي لاءِ پهرين رليف جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ مشڪل فيصلا ڪيا، هن چيو ته اهي فيصلا ۽ اعلان نه پر اهو اڪنامڪ ويزن آهي جيڪو ٻيهر هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو، معيشت کي بحال ڪري عوام کي ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا مهيا ڪيا ويندا.