
اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ مذهبي قدرن کي صحيح حوالي ۽ صحي نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي، معاشري جي اجتماعي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي قانون ٺاهڻ، منصفاڻي لاڳو ۽ متناسب سزا ۽ جزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڊي اين اي پروفائلنگ ۽ سائنسي تحقيقاتي طريقن ۽ ٽيڪنيڪن کي اختيار ڪرڻ انصاف جي جلد فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن همدرد اسڪول آف لا، ڪراچي جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواري بيگم ثمينه عارف علوي به موجود هئي، صدر چيو ته تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ مذهبي قدرن کي صحيح حوالي ۽ رخن سان گڏ سمجهڻ جي ضرورت آهي، معاشري جي اجتماعي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي قانونن ٺاهڻ، منصفاڻي لاڳو ۽ متناسب سزا ۽ جزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته فوري ۽ سستو انصاف عوام جو حق آهي، انصاف جي فراهمي ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون پر اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڊي اين اي پروفائلنگ ۽ سائنسي تحقيقاتي طريقن ۽ ٽيڪنيڪن کي اختيار ڪرڻ انصاف جي جلد فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، پارليامينٽرين کي تربيت ڏئي کين عوامي امنگن موجب قانونن جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، هن چيو ته همدردي يونيورسٽي جو باني شهيد حڪيم محمد سعيد هڪ علامت، ويزن رکندڙ انسان، ماهر تعليم ۽ ڪاروباري شخصيت هو، حڪيم محمد سعيد معاشري لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون جا شاگرد پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ اعليٰ ترين اخلاق ۽ معيار جي پاسداري ڪن، بي آواز ماڻهن جو آواز بڻجڻ، کين سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪن.