APP80-24 ISLAMABAD: November 24 - Secretary of State for Foreign & Commonwealth Affairs of UK RT Hon Boris Johnson called on Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM House. APP

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري خاص طور تي برطانيه تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني جو نوٽيس وٺي، ڀارت تي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن جي احترام تي زور ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه برطانيه جي پرڏيهي ۽ دولت مشترڪه جي معاملن جي وزير بورس جانسن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران چئي، وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته برطانيه پنهنجي نئين قيادت تحت مضبوط ٿي اڀرندو ۽ عالمي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.