ملڪ ۾ تعليم جو فروغ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جو فروغ، تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙائي ۽ نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد تعليم جي سهولت ڏيڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ ماهرن جي راءِ مان پڻ فائدو کنيو ويندو. هن اها ڳالهه ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.