APP23-31 ISLAMABAD: August 31 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain talking to media. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هالينڊ ۾ گستاخانا خاڪن جي مقابلي جي ملتوي ٿيڻ جو اعلان پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، مسلمان دنيا کي گستاخانا خاڪن جهڙن حساس معاملي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي گذريل رات تمام وڏي سفارتي ڪاميابي ملي. هن چيو ته پاڪستان ان حساس مسئلي تي فوري رابطو ڪري ترڪيءَ ۽ او آءِ سي کي پڻ موثر سفارتڪاري ۾ شامل ڪيو.