APP01-290622 KARACHI: June 29 - President Dr. Arif Alvi addressing the Convocation & Graduation Ceremony No 35 Air War Course. APP photo by Syed Abbas Mehdi

اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ ادارن جو ڪردار اهم آهي، ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جديد علم تائين پهچڻ جو ذريعو آهي، علم کي حاصل ڪرڻ جي گهرج تيزي سان وڌي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيصل ايئر بيس ڪراچي ۾ 35 هين ايئر وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته دنيا جو هر مسئلو مشاورت سان حل ٿي سگهي ٿو، عزم ۽ جذبي سان قومون ٺهنديون آهن، افرادي قوت قومي ترقي جي سيڙهي آهي. هن چيو ته جمهوريت جون علمبردار قومون پناهگيرن جي معاملي ۾ غيرسنجيده آهن، تعصب کان مٿانهون ٿي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون، مسلمان امت اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي بنا ڪنهن رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ مظلومن جي حمايت جاري رکڻي پوندي. ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ انسانيت جو پهلو مٿانهون هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومون حادثاتي طور تي ترقي ناهن ڪنديون، ان جي لاءِ ڊگهي جدوجهد لازمي آهي. مصنوعي ذهانت جهڙي علم سان هم آهنگ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. تقريب دوران صدر گريجوئيٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. گريجوئيٽ ٿيندڙن ۾ 70 آفيسر ۽ دوست ملڪن جا 18 آفيسر شامل آهن جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا، شام ۽ يمن جا به آفيسر شامل آهن.