APP02-191021 ISLAMABAD: October 19 - President Dr. Arif Alvi addressing the National Rehmat-Al-Lil-Alimeen Conference on the occasion of 12 Rabi-Ul-Awwal at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ جي حيات طيبه اسان کي زندگي جي هر ميدان ۾ رهنمائي فراهم ڪندي آهي، معاشرتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۽ قوم جي اخلاقي تربيت لاءِ اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي مشعل راهه بڻائڻو پوندو، نبي آخر الزمان ﷺ نرم گو ۽ بهترين استاد هو، جنهن اتحاد ۽ اتفاق، انساني احترام، قانون جي بالادستي، انصاف، مساوات ۽ اخلاقيات جو درس ڏنو، مسجد نبوي ﷺ مان هڪ عالمي انقلاب جي شروعات ٿي ۽ اسلامي دنيا ۽ پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ مسجد ۽ محراب کي بنيادي ڪردار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ٻن ڏينهن واري قومي رحمت اللعالمين ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ موضوع ”اتحاد ۽ اتفاق لاءِ مسجدن، مدرسن، خانقاه ۽ امام برگاهه جو ڪردار“ هو. ڪانفرنس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، وزيراعظم جي مذهبي معاملن بابت خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري سردار اعجاز احمد خان جعفر، صاحبزاده سلطان احمد علي باهو، مولانا ضياءُ الله شاهه بخاري، علامه عارف حسين واحدي ۽ نگهت هاشمي به خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير سيد شبلي فراز ۽ علي محمد خان کانسواءِ وزيراعظم جو ماحولياتي تبديلي وارو خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ آفتاب جهانگير کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، سڄي ملڪ مان آيل مشهور علماءُ ۽ مشائخ ۽ ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. صدر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنت نبوي ﷺ اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪندي آهي، حضور ﷺ جي زندگي ۾ مسجد نبوي ﷺ مديني جي رياست جي سمورين سرگرمين جو مرڪز هئي. مسجد نبوي ﷺ عدالت، درسگاهه ۽ عبادتگاهه جو به ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي، اتحاد ۽ اتفاق ۽ قوم جي اخلاقي تربيت لاءِ اسڪول، مسجد ۽ منبر، ميڊيا ۽ خاندان جي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ انهن ادارن جي مدد سان قوم جي نوجوانن جي اخلاقي تربيت ڪرڻي پوندي،

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غيبت تي ضابطو آڻڻ لاءِ ميڊيا ۽ معاشري جي سمورن ماڻهن کي ذميداري جو احساس ڪرڻو پوندو ته جيئن ان معاشرتي برائي جو ازالو ڪري سگهجي. هن چيو ته صدارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ مذهبي معاملن واري وزارت کي خط ۾ قوم جي اخلاقي تربيت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن چيو ته ان خط ۾ قوم کي صفائي ۽ پاڪيزگي جي اهميت اجاگر ڪرڻ، پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ ۽ ان کي ضايع ڪرڻ کان روڪڻ، ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۽ عورتن کي انهن جا وراثتي حقن ڏيارڻ لاءِ مسجدن، منبر ۽ محراب کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس دوران عالم سڳورن ذميداري جو احساس ڪندي جدوجهد ڪئي ۽ عوام کي ڪورونا بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، عبادت دوران سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ بزرگ ماڻهن کي گهرن ۾ ئي نماز ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته عالمن جي تعاون، بهتر حڪمت عملي ۽ عوام جي تعاون سان ڪورونا مان ڪاميابي سان سرخرو ٿياسين.

صدر ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ۽ مذهبي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏني، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪا ڳالهه مسجد ۽ منبر مان نڪرندي اها قوم ٺاهيندي، هن چيو ته اڄ جو موضوع منهنجي دل کي گهڻو عزيز آهي، جيڪڏهن اسلامي دنيا ۽ پاڪستان ۾ تبديلي ايندي ته مسجد کان ئي ايندي، مون کي هر موقعي تي رسول ﷺ جي طريقي مان رهنمائي ملندي رهي آهي، هن چيو ته حضور ﷺ برابري، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ۽ رنگ، نسل، خاندان ۽ زبان ۽ وطن کان مٿانهون ڪري هڪ امت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو، موجوده دور ۾ به مسلمان امت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت طيبه ﷺ ۾ موجود آهي، حڪومت جون پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ مثالي فلاحي مملڪت بڻائڻ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. صدر 12 ربيع الاول جي پُرمسرت ۽ مبارڪ موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ ملتِ اسلاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي.