APP37-191021 ISLAMABAD: October 19 - Prime Minister Imran Khan addressing at National Rehmatul lil Alameen Conference on the eve of Eid Milad-un-Nabi. APP

اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر فلاحي مملڪت بڻائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪندي غريبن جي سارسنڀال، انصاف جي بالادستي، بلند اخلاقي قدرن، بدعنواني جي روڪٿام ۽ خانداني نظام جي تحفظ تي زور ڏنو آهي، اسلامي قدرن تي عملدرآمد کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، بزدل انسان ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، جيستائين زنده آهيان انصاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ وڙهندو رهندس، انصاف جي هڪجهڙي معيار کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، نوجوانن کي رحمت اللعالمين اسڪالرشپس ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام تحت سوا ڪروڙ ماڻهن کي ايندڙ مهيني رقم ڏني ويندي، پنجاب ۾ مارچ تائين سڀني شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ملندا، حڪومت ماڻهن ۽ دنيا کي حضرت محمد خاتم النبين ﷺ جي حيات طيبه ۽ تعليمات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي، اها اٿارٽي دنيا کي اسلامي انقلاب کان روشناس ڪرائيندي ۽ سيرت نبوي جي باري ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڪندي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن سميت اعليٰ سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته جشن عيد ميلاد النبي ﷺ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي پياري نبي جي سيرت جي باري ۾ معلوم هجڻ گهرجي، رسول پاڪ ﷺ جي زندگي جي باري ۾ خصوصي طور تي پنج منٽن جي دستاويزي فلم ٺهرائي، ڪانفرنس ۾ رسول پاڪ ﷺ جي سيرت مبارڪ جي باري ۾ خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي، هن چيو ته رسول پاڪ ﷺ دنيا ۾ تلوار جي ذريعي نه پر پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان انقلاب آندو هو، مديني جي رياست نه رڳو مسلمانن پر هر مهذب معاشري لاءِ مثالي نمونو بڻي، رسول پاڪ ﷺ معاشري ۾ سٺي ۽ خراب جي تميز رکي ۽ اخلاقي معيار بلند ڪيو. اسان جي پياري نبي ﷺ پنهنجي سيرت مبارڪ جي ذريعي انصاف جو درس ڏنو، مسلمان اعليٰ اخلاقيات، ايمانداري ۽ سچائي جا علمبردار هئا، عدل ۽ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني هئي، قانون کان مٿانهون ڪير نه هو.

هن چيو ته اها ئي قوم قانون جي حڪمراني قائم ڪري سگهي ٿي جيڪا اعليٰ اخلاق رکندڙ هجي، ان ملڪ کي بنانا ري پبلڪ چوندا آهن جتي قانون نه هجي، ڪمزور کي انصاف نه ملي، بنانا ري پبلڪ ۾ جهنگ جو قانون هوندو آهي، بنانا ري پبلڪ وسيلن جي کوٽ سان نه پر قانون ۽ انصاف جي عدم فراهمي سبب بڻجندي آهي. هن چيو ته بلند اخلاق ۽ انصاف پسند ملڪن ترقي ڪئي، هن چيو ته مديني جي رياست فلاحي رياست هئي، ان رياست هيٺين طبقي جي ذميواري کنئي ۽ ان کي مٿي کنيو، جڏهن رياست ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪندي آهي ته ماڻهو گڏجي ويندا آهن، انسانيت ۽ انصاف سان قوم مضبوط ٿيندي آهي، هن چيو ته هندستان ۾ قانون جي نه پر طاقت جي حڪمراني هئي، افغانستان ۽ اسان جي قبائلي علائقن ۾ جرگي جو نظام هو، ان صورتحال ۾ هندستان تي قبضو ڪيو وڃي ٿو پر افغانستان تي قبضو نه ٿي سگهيو، قبائلين برطانوي راڄ جي خلاف مسلسل جنگ وڙهي. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست ماڻهن کي انصاف ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون، اتي ميرٽ جي بالادستي هئي. هن چيو ته اڳواڻ کي صادق ۽ امين هجڻ گهرجي جيڪو ايماندار ، سچو ۽ انصاف پسند ناهي هوندو آهي ان جي ڪا عزت ناهي هوندي، صادق ۽ امين هجڻ تي عزت ٿيندي آهي. حضرت محمد ﷺ مثالي نمونو پيش ڪري مسلمانن ۾ قائداڻيون خاصيتون پيدا ڪيون، هو بهادر قيادت هئي، هر ماڻهو زندگي، عزت ۽ رزق وڃڻ جي ڪري ڊڄندو آهي، اسلام ٻڌايو ته زندگي، عزت ۽ رزق الله جي هٿ ۾ آهي جنهن سان انهن جو خوف ختم ٿي ويو ۽ گهٽ وقت ۾ وڏا مسلمان اڳواڻ پيدا ٿيا جنهن دنيا جي قيادت ڪئي.

هن چيو ته اسلام عورتن کي انهن جا حق ڏنا، يورپ ڪيترائي سئو سالن کانپوءِ اهي حق عورتن کي ڏنا، اسلام ۾ غلامن کي معاشري جو حصو بڻايو ويو، غلام بادشاهه بڻيا، غلامن کي اهڙو مان ڏيڻ جو ڪو ٻيو مثال نٿو ملي، اسلام بزرگن جو احترام سيکاريو، پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ پينشن جو نظام شروع ڪيو ويو، حضرت بابا فريد گنج شڪر، نظام الدين اولياءَ سميت ٻيا بزرگ دين عاشق رسول هئا، لکين ماڻهو انهن بزرگن سان پيار ڪن ٿا، جنهن حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ڪئي ۽ هو ڪامياب ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسلام جي ڪري علم جو انقلاب آيو، مسلمانن سائنس سميت سمورن شعبن ۾ رهنمائي ڪئي، بغداد ۽ قرطبه علم جا مرڪز بڻجي ويا، حضرت محمد ﷺ رحمت اللعالمين آهي، هو سڀني انسانن لاءِ رحمت بڻجي آيو، مسلمان تعليمات نبوي تي عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا. عمران خان چيو ته برطانيه ۾ انسانيت ڏٺي، غريبن لاءِ مفت علاج، ٻارن جي مفت تعليم ۽ عدالت ۾ قانوني امداد مفت ملندي آهي. هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو، قطري قط اچي ويو، وري ڪيلبري فونٽ اچي ويو، 2007ع ۾ ڪيلبري فونٽ آيو پر هنن 2006ع جو ڏيکاري ڇڏيو، هتي قسم کڻي ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، انصاف ڪرڻ لاءِ اخلاقي جرئت هجڻ گهرجي، بزدل انسان ڪڏهن به اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، هن چيو ته اسان جو پارلياماني نظام به اولهه جهڙو آهي پر پارلياماني جمهوريت اخلاقي بنيادن تي ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. اها ڪجهه ملڪن کانسواءِ ڪٿي ڪامياب ناهي ٿي، اتي ڇانگامانگا جي سياست ناهي ٿيندي، هتي سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پئسو هلندو آهي اتي ايئن ناهي ٿيندو، اتي ڪنهن تي عوام جي پئسي جي چوري جو الزام لڳي وڃي ته ان جو پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ ته پري جي ڳالهه پر هو ميڊيا تي به نٿو اچي سگهي.

هن چيو ته حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ اسان جي لاءِ مثالي نمونو آهي، اسان ۽ اسان جي نوجوانن کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته جيڪو ان تي عمل ڪندو اهو ڪامياب ٿيندو. وزيراعظم چيو ته قانون جي بالادستي جي جنگ کٽڻ سڀني کان وڏي جنگ آهي، جيستائين اها جنگ نه کٽينداسين تيستائين ملڪ ۾ جمهوريت ۽ خوشحالي نه ايندي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ملڪ واپس اچي سيڙپڪاري جي خواهش رکن ٿا پر جڏهن اهي ملڪ واپس ايندا آهن ته انهن سان دوکو ۽ فراڊ ٿيندو آهي جنهن جي ڪري هو هتي قيام نٿا ڪري سگهن، هو قانون جي حڪمراني جا عادي هوندا آهن، 90 لک پاڪستاني ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، جيڪڏهن 30 کان 40 هزار پاڪستاني وطن واپس اچي سيڙپڪاري ڪن ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوي، انهن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ ملڪ جو نظام وڏي رڪاوٽ آهي. ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي خوشحال بڻائڻو آهي ته قانون جي بالادستي ۽ بلند اخلاقي معيار کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جاپان ۽ جرمني تباهي جي باوجود 10 سالن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي ويا، بيروت وچ اوڀر جو پئرس هو پر ڪرپشن جي ڪري هو تباهي جو شڪار آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن مان هر سال هڪ هزار ارب ڊالر آف شور ڪمپنين ۾ ويندا آهن، هي اهڙا ملڪ آهن جتي قانون جي حڪمراني ناهي هوندي، طاقتور تي قانون لاڳو ناهي ٿيندو، وزيراعظم چيو ته انصاف جو نظام نه هوندو ته خوشحالي نه ايندي، جڏهن ماڻهن کي يقين هجي ته انصاف جو مان مٿانهون ٿيندو ته هو قوم بڻجي اٿي بيهندا آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن لاءِ درست رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اڄ کان 50 سال پهرين پاڪستان ۾ خطي ۾ ترقي ڪري رهيو هو پر هاڻي اهو هيٺ اچي ويو، پاڪستان جو بنياد پاڪستان جو مطلب ڇا ”لااله الله“ جي نعره تي هو، علامه اقبال مثالي رياست جو خواب ڏٺو، قرارداد پاڪستان جي روح اسلامي فلاحي رياست هئي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي پنهنجو رخ درست ڪرڻو پوندو، جنهن رستي تي 74 سال پهرين هلڻو هو ان سفر جو هاڻي آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سوشل ميڊيا جي ڪري چئلينجز وڌي چڪا آهن، ٻارن وٽ موبائيل فون آهن، اسان انهن کي معلومات تائين پهچ کان نٿا روڪي سگهون، پر انهن جي تربيت ڪري سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي ٻارن کي نيڪي ۽ برائي جي رستي بابت آگاهي ڏيڻي آهي، ٻارن ۾ پنهنجي ثقافت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪارٽون سيريز شروع ڪئي ويندي، نوجوانن ۾ غير جنسي ڏوهن جو وڌڻ خطرناڪ آهي، برطانيه ۾ غير اخلاقي فلمون ۽ فحاشي وڌڻ سان خانداني نظام تي اثر پيو، اسان کي پنهنجي خانداني نظام کي بهتر بڻائي ان جو تحفظ ڪرڻو آهي، هن چيو ته 25 سال پهرين اسان جي پارٽي جو نصب العين اسلامي فلاحي رياست جو قيام هو، انصاف جي هڪجهڙي معيار کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، جيستائين زنده آهيان ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ وڙهندو رهندس، جيڪي ملڪ ۾ پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن اهي جيڪو به ظلم ڪن قانون انهن کي نٿو پڪڙي سگهي، جيستائين اهڙا طاقتور قانون جي چنبي ۾ نٿا اچن تيساتئين معاشرو ٺيڪ نٿو ٿي سگهي، مديني جي رياست ۾ معاشري کي مٿان کان ٺيڪ ڪيو ويو، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري مهانگائي آهي، ايندڙ مهيني احساس پروگرام تحت سوا ڪروڙ ماڻهن کي پئسا ڏينداسين، ڪڻڪ تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج جي قرض ڏينداسين، دڪانن، گهرن ۽ زرعي شعبي لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏينداسين، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين لاءِ هيلٿ ڪارد ڏنا ويندا جڏهن ته پنجاب ۾ مارچ تائين سڀني شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين ۽ هر خاندان 10 لک تائين ڪنهن به اسپتال مان پنهنجو علاج ڪري سگهندو.

هن چيو ته حڪومت ماڻهن ۽ دنيا کي حضرت محمد خاتم النبين ﷺ جي حيات طيبه ۽ تعليمات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي، اها اٿارٽي دنيا کي اسلامي انقلاب سان روشناس ڪرائيندي ۽ سيرت نبوي جي باري ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڪندي. قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جو چيئرمين انتهائي تجربيڪار، ماهر ۽ اعليٰ تعليم يافته هوندو، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه بابت آگاهي ڪرڻ آهي، اها اٿارٽي ٻاهرين ملڪ به رابطا قائم ڪندي، هن چيو ته اسڪولن ۾ 8 هين ۽ 10 هين تائين سيرت النبي نصاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي، اسڪالرز جي ذريعي اسڪولن ۾ ان جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي، سيرت النبي بابت مذهبي اسڪالرز جي ذريعي آگاهي پيدا ڪئي ويندي، ٽيليويزن تي پروگرام ٿيندا، ان اٿارٽي تحت انٽرنيشنل سيل هوندو جنهن جي ذريعي عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي خلاف قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي دانشمنداڻو موقف پيش ڪيو ويندو، جڏهن حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي ٿيندي آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪندا آهيون جڏهن ته اهي ماڻهو اسلامو فوبيا کي اڳتي وڌائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي نه آهي، هن چيو ته اسلام پيار جو دين آهي، ويڇا وڌائڻ اسان جو دين نه آهي، هن چيو ته نوجوانن کي رحمت اللعالمين اسڪالرشپس ڏئي رهيا آهيون، اهي اسڪالرشپس ميرٽ تي قابل ۽ اهل نوجوانن کي ڏنيون پيون وڃن، ان حوالي سان مسئلا ۽ شڪايتون سينٽر لائزرڊ نظام جي تحت آن لائين ٻڌيون وينديون، حڪومت سيرت النبي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هي نوجوان هن ملڪ جو عظيم بڻائيندا.