اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن بابت مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ 1970ع کانپوءِ ٿيندڙ سموريون چونڊون تڪراري رهيون، تازو ئي سينيٽ ۽ ضمني چونڊون به تڪراري ٿيون، اسان ٻن سالن ۾ ڪوشش ڪئي ته اهڙا ڪهڙا سڌارا آڻيون جو چونڊن جا نتيجا سڀني جي لاءِ قابل قبول هجن ان جي لاءِ مخالف ڌر کي گذارش آهي ته اها پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل جي لاءِ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، آمريڪا سان اسان افغانستان ۾ امن جا حصيدار ٿي سگهون ٿا پر تڪرارن ۾ ساٿ نه ٿا ڏئي سگهون، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس نه وٺندو ڀارت سان سفارتي لاڳاپا بحال نه ٿيندا، اسان پنهنجي خودمختياري تي ٺاهه نه ڪنداسين، قومي غيرت کانسواءِ تاريخ ۾ اڄ تائين ڪو ملڪ ترقي نه ڪري سگهيو، جيڪو ڄاڻي واڻي ٽيڪس نه ڏيندو ان کي جيل وڃڻو پوندو، خوددار قوم بڻجڻو آهي ته ٽيڪس ڏيڻو پوندو، اسان مشڪل فيصلا ڪيا ۽ معيشت کي استحڪام ڏنو جڏهن ته ڪورونا جي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتون پيدا ٿيون پر پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي بهتر حڪمت عملي ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان اسان کي وڌيڪ نقصان نه ٿيو، مخالف ڌر کي دعوت ڏيان ٿو ته اها چونڊن کي تڪراري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون ڏي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ کان اڳ پارلياماني پارٽي ۽ اتحادين جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جهڙي طرح انهن ڀرپور طريقي سان بجيٽ سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو مخالف ڌر کي دعوت ڏي ٿو ته هن ملڪ ۾ 1970ع کانپوءِ ٿيندڙ سموريون چونڊون تڪراري رهيون، تازو ئي سينيٽ ۽ ضمني چونڊون به تڪراري ٿيون، اسان ٻن سالن ۾ ڪوشش ڪئي ته اهڙا ڪهڙا سڌارا آڻيون جو چونڊن جا نتيجا سڀني جي لاءِ قابل قبول هجن ان جي لاءِ مخالف ڌر کي گذارش آهي ته اها پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل جي لاءِ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته مون 21 سال عالمي ڪرڪيٽ کيڏي، اسان جنهن ملڪ ۾ کيڏڻ ويندا هئاسين اتي ان ملڪ جا پنهنجا امپائر هوندا هئا، جيڪو هارائيندو هو اهو چوندو هو ته امپائرن هارائي ڇڏيو، ڪير به پنهنجي هار نه مڃيندو هو. مون بطور ڪپتان اها مهم هلائي ۽ پاڪستان جي ڪوششن سان پهريون ڀيرو عالمي ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر مقرر ٿيا، هاڻي هر هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم ڪري وٺي ٿو، ان سان ڪرڪيٽ ۾ شفافيت آئي. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جڏهن چونڊن ۾ حصو وٺون ته ڪنهن کي ڌانڌلي ذريعي شڪست جو فڪر نه هجي. هن چيو ته جڏهن مون پهريون ڀيرو ايوان ۾ تقرير ڪئي ته مون کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي. ان وقت مخالف ڌر جو اهو موقف هو ته چونڊون ٺيڪ نه ٿيون. آمريڪي صدر ٽرمپ به تازين چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو ته کانئس ان ڏس ۾ ثبوت گهريا ويا. وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن 2013ع ۾ چار تڪ کولڻ جو چيو ته نه کوليا ويا، اسان عدالتن ۾ ڪيس کڻي اهي تڪ کولرايا ته چئني ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي. 2015ع ۾ جوڊيشل ڪميشن جي فائنڊنگ هئي ته بي ضابطگيون پولنگ جي خاتمي ۽ نتيجا جوڙڻ ۽ ان جي اعلان تائين ٿيون آهن، اسان ان نتيجي تي پهتاسين ته ان جو حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آهي. ان نظام ۾ جيئن ئي پولنگ جي پڄاڻي ٿئي ٿي ته گڏ ئي نتيجو سامهون اچي وڃي ٿو ان تي ڪير سوال اٿارڻ چاهي ته اهو به پنهنجي وقت تي اٿاري سگهي ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر ان سلسلي ۾ پنهنجون تجويزون سامهون آڻي، اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن سڌارا نه ڪنداسين ته نتيجا تڪراري رهندا. وزيراعظم عمران خان چيو ته بجيٽ جي حوالي سان اسان جو ويزن قوم جي عڪاسي هئي، خوشي آهي ته شوڪت ترين ۽ سندس ٽيم منهنجي ويزن موجب بجيٽ ٺاهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته جڏهن 25 سال اڳ اسان پي ٽي آءِ ٺاهي ته اسان جنهن شيءَ کان متاثر ٿي اهو قدم کنيو اهو نظريه پاڪستان هو جنهن جو بنياد اسلامي فلاحي رياست هو. اهو نظريو اسان جي ابن ڏاڏن مديني جي رياست مان ورتو هو جيڪا دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ کي ان ويزن موجب نه آندو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد نه رهندو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي ويزن جي ڪري ڀارت جا مسلمان ان مطالبي تي متفق هئا ته مسلمانن جي لاءِ پنهنجو جدا ملڪ هجڻ گهرجي. مسلمانن جي رستي ۾ جتي به رڪاوٽ آئي ان جو بنيادي سبب مديني جي رياست جي اصولن تان هٽڻ رهيو. هن چيو ته اهڙي ڪهڙي شيءَ هئي جو جنهن جي بنياد تي دنيا جي عظيم تهذيب بيٺي، جڏهن نبي ﷺ مديني پهتو ته اتي انهن جيڪي اصول طئي ڪيا اهي دنيا جي تاريخ آهي. 13 سالن کانپوءِ بازنطيني سپر پاور انهن آڏو گوڏا کوڙيا جڏهن ته 14 سالن کانپوءِ پرشين گوڏا کوڙيا. وزيراعظم چيو ته مديني جي تهذيب دنيا جي سڀ کان عظيم تهذيب هئي، اڄ به جديد دنيا انهي ماڊل تي ٺهي آهي. سائنس ۽ ميڊيسن سميت هر شعبو انهي ماڊل تي اڳتي وڌيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اسان جي تهذيب پستي جو شڪار ٿي ته پوءِ اسان به هيـٺ اچي وياسين. وزيراعظم چيو ته هن جڏهن تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو ته سندس آڏو انصاف، انسانيت ۽ خودداري جا ٽي اصول هئا، اسان جي ڪوشش هئي ته اسان جي حڪومت جي هي بجيٽ انهن ئي اصولن جي عڪاس هجي. ان تي پوري ٽيم کي خراج تحسين ۽ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو جيڪو 20 ارب ڊالر کان مٿي ٿي ويو هو. اهو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو هو، ان وقت اسان وٽ ٽيم ۽ تجربو نه هو، اسان معيشت جي استحڪام لاءِ وڏا مشڪلا فيصلا ڪيا. اهي وڏا تڪليف ڏيندڙ هئا، ڇو ته جڏهن هڪ گهر مقروض ٿي وڃي ٿو ته ان کي پنهنجا خرچ گهٽ ۽ آمدني وڌائڻي پوي ٿي، ان جي لاءِ مسئلا ٿين ٿا. گهروارن کي مشڪل وقت مان گذرڻو پوي ٿو، اسان جي لاءِ به اهي مشڪل فيصلا هئا ان سان عوام کي به تڪليف پهتي ۽ ڪٿي اڃا به عوام ان مان گذري رهي آهي جڏهن ته مشڪلاتن جي شڪار ملڪ ۾ اهڙا مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. ترڪيءَ ۾ رجب طيب اردوان به اهڙا ئي فيصلا ڪيا، هاڻي ان جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي ٽيم مشڪل فيصلا ڪيا، چئلينجز کي منهن ڏنو ۽ ان مان نڪتاسين. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ چين جو ٿورائتو آهي ته انهن پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته جڏهن ڪرنسي جي قدر هيٺ ڪري ٿي ته ان سان ملڪ ۾ مهانگائي اچي ٿي، سيڙپڪاري متاثر ٿئي ٿي. وزيراعظم واضح ڪيو ته شروع ۾ انهن جي ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف وٽ نه وڃون ڇو ته ان جي شرطن سان ماڻهن کي مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون جڏهن ته اسان کي مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. اسان ملڪي معيشت جي چئلينج مان ڪاميابي سان نڪري رهيا هئاسين ته ڪورونا جي وبا اچي وئي، جنهن جا اثر سڄي دنيا تي پيا. وزيراعظم چيو ته اسد عمر جي سربراهي ۾ اين سي او سي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن ان صورتحال ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج به ڀرپور مدد ڪئي. ڊاڪٽر فيصل پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندو رهيو ته دنيا ۾ هي ٿي رهيو آهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت قوم آهيون جو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان ڪورونا وبا کان وڌيڪ متاثر نه ٿياسين، ان جي مقابلي ۾ الله جو شڪر آهي ته ان اسان کي بچائي ورتو. وزيراعظم چيو ته ان صورتحال مان جهڙي طرح اسان نڪتاسين منهنجو ايمان آهي ته الله تعاليٰ غريبن جي ڳالهه ٻڌي. اسان ان لاءِ ان صورتحال مان نڪتاسين ته اسان جلدي مڪمل لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. دنيا ۾ هاڻي جڏهن حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن ته لاڪ ڊائون سان غريبن جي مشڪلاتن جا نتيجا سامهون آيا آهن، جتي لاڪ ڊائون لڳايو اتي غربت وڌي. وزيراعظم چيو ته اسان سوچيو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون لڳائينداسين ته ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ٿيندو، ان مقصد جي لاءِ اسان تعميرات، هائوسنگ ۽ زراعت جي شعبن کي جلد کان جلد کولڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي طرح برآمدي صنعت کي کوليو ويو. ان دوران اسٽيٽ بئنڪ صنعتن ۽ ننڍي ڪاروبار جي پوري طرح سان مدد ڪئي، احساس پروگرام تحت ڏيڍ ڪروڙ خاندانن کي روڪ مدد ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ احساس پروگرام کي سماجي تحفظ جي حوالي سان دنيا جو چوٿون وڏو موثر پروگرام قرار ڏنو آهي. انهن قدمن جي ڪري الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جي معيشت بحال ٿي. حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، جيتوڻيڪ ان تي تنقيد به ٿي پر اسان جي حڪمت عملي ڪامياب رهي. وزيراعظم چيو ته ان دوران پاڪستان جي ڳوٺاڻن علائقن م مڪڙن جو حملو ٿيو، مڪڙن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جو نظام قائم ڪيو ويو. سيد فخر امام ۽ اين سي او سي ان ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪيو جڏهن ته عيد جي موقعي تي به مڪڙن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم جاري رهيا. انهن قدمن جي ڪري الله تعاليٰ اسان کي بچائي ورتو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ قومي معيشت ۾ چار سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. حڪومت زراعت کي پروموٽ ڪيو جنهن جي ڪري فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، هن سال ڪمند جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، انهن قدمن سان اسان جي معيشت مٿي اٿي. حڪومت فيصلو ڪيو ته ڪمند جي آبادگارن کي وقت تي پورو پئسو مليو. پهريون ڀيرو آبادگارن وٽ پئسو سڌوسنئون منتقل ٿيو، موسم به ٺيڪ رهي ۽ آبادگارن پئسو ٻيهر انويسٽ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان زراعت تي سالن کان ڌيان نه ڏنو، جيڪڏهن اسان آبادگارن ۽ زراعت تي ڌيان ڏينداسين ته اسان جي پيداوار به وڌندي ۽ غذائي شين جي درآمد جي ضرورت به نه پوندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت برآمدي صنعت کي مراعتون ڏنيون جنهن جي ڪري هلندڙ سال برآمدات ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو. رڳو جون جي مهيني ۾ پاڪستان 2.7 ارب ڊالر جي برآمدات ڪئي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. اهڙي طرح تعميرات جي صنعت کي مراعاتون ڏنيون ويون ۽ ان صنعت جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو، تعميرات جي صنعت سان واڳيل ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ويون، ان صنعت سان 30 کان وڌيڪ صنعتون واڳيل آهن، تعميرات جي شعبي ۾ سرگرمين جي ڪري گروٿ ريٽ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي. وزيراعظم مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان جو رخ تمام واضح آهي، اسان روانگي واپار تي ٻڌل واڌري جو رستو اختيار ڪري رهيا آهيون، هن وقت روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ مشينري درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري اسان جي درآمدات وڌي رهي آهي. حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو کان وڌيڪ گروٿ ٿي آهي، هاڻي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار تي ڌيان ڏنو يو وڃي. ايس ايم ايز کي قرض ڏيڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي، ان مقصد جي لاءِ قانونن ۽ ضابطن کي آسان بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته زراعت جي شعبي ۾ به قدم کنيا پيا وڃن، پنجاب حڪومت آبادگار ڪارڊ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، ان تحت سمورا آبادگار رجسٽرڊ ٿيندا. حڪومت ننڍن آبادگارن کي سڌوسنئون ڀاڻ ۽ فصلن جي لاءِ جيت مار دوائن تي سبسڊي ڏيندي. ننڍا آبادگار حڪومت جي ترجيح آهن ڇو ته اسان جا 70 سيڪڙو ننڍا آبادگار آهن. حڪومت زراعت جي لاءِ 60 ارب رپين کان وڌيڪ رکيا آهن، ان ۾ سبسڊيز به شامل آهن. زرعي شعبي ۾ تحقيق خاص طور تي جديد ٻجن تي تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. پاڪستان ۾ فصلن جي پيداوار دنيا جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، غذائي سلامتي اسان جو مسئلو آهي، هن وقت اسان ڪڻڪ، کنڊ، چانور ۽ کاڄرو تيل درآمد ڪري رهيا آهيون. حڪومت نه رڳو پيداوار وڌائيندي پر آبادگارن کي مراعتون به ڏنيون وينديون. ننڍن آبادگارن وٽ پئسو ناهي هوندو انهن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته آبادگار مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۾ چين جي تجربن مان فائدو کنيو پيو وڃي. چين ۾ آبادگارن کي ريٽيل مارڪيٽ سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن جي ڪري شهرين کي شيون سستيون ملي رهيون آهن، آبادگارن کي به وڌيڪ پئسو ملي رهيو آهي جڏهن ته مڊل مين جو خاتمو ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته نج کير جي پيداوار به اسان جو هڪ وڏو مسئلو آهي، کير ٻارن جي لاءِ پروٽين ۽ ڪيلشيم سان ڀرپور خوراڪ آهي. پاڪستان ۾ اڪثر کليل کير ملاوٽ ٿيل هوندو آهي، خالص کير جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڳئون ۽ مينهن جي جينياتي طور تي بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ان مقصد جي لاءِ ٻاهريون تعاون حاصل ڪيو ويندو. ان جي نتيجي ۾ ٻن سالن ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته اسان کي انسانيت، انصاف ۽ خودداري جي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. مون کي وڏي خوشي ٿي آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سماجي تحفظ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊز گڏ ڪيا ويا آهن. تاريخ ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ ايترا فنڊز نه رکيا ويا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جي شروعات ۾ مسلمان تمام غريب هئا، نبي ڪريم ﷺ شروع ۾ ئي چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست جي هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي شروع کان جنهن طرف وڃڻ گهرجي ها اهو ان طرف نه ويو. مديني جي رياست ۾ ٽريڪل ڊائون جو طريقيڪار نه هو پر ان بدران پهريون ڀيرو رياست هيٺئين طبقن کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي آئي. وزيراعظم چيو ته ايمان وارا ماڻهو ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن اسان معاشي طور تي ڪمزور طبقن جو خيال رکون ٿا ته الله برڪت ڏي ٿو. چين ۽ ڀارت جون آباديون 2 ارب کان وڌيڪ آهن، 35 سال اڳ چين به ان مقام تي بيٺل هو جتي ڀارت هو. ڀارت ۾ اڄ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فاصلو تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ان جي ابتڙ چين مديني جي رياست جي طرز تي معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو. چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن سال چيني صدر شي جن پنگ اعلان ڪيو آهي ته چين ۾ انتهائي غربت ختم ڪئي وئي آهي، چين انهن قدمن جي ڪري معاشي سپر پاور بڻجي ويو آهي، ان جي ابتڙ ڀارت اهي قدم نه کنيا جنهن جي ڪري اتي غربت وڌي. وزيراعظم چيو ته محمد عهده تمام وڏو مسلمان اسڪالر هو، جڏهن هو يورپ کان مصر واپس آيو ته هن چيو ته مصر ۾ مسلمان ته وڌيڪ آهن پر اسلام گهٽ آهي ان جي ابتڙ يورپ ۾ مسلمان نظر نه ٿا اچن پر اسلام نظر اچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ان جو سبب اهو آهي ته جيڪو به اسلام جي اصولن تي هلندو اهو ڪامياب ٿيندو. اسڪينڊي نيويا جي ملڪن ۾ انسانيت جو نظام آهي، اتي انسانن پر جانورن جو به قدر آهي. حضرت عمر رضه جو قول آهي ته فرات ڪناري جيڪڏهن ڪتو به بک ۽ اُڃ سبب مري وڃي ته ان جو ذميوار هو هوندو. اهو انسانيت جي گهرج جو احترام آهي. مسلمان ملڪن ۾ امير امير جڏهن ته غريب غريب ٿئي ٿو، جيڪڏهن اسان وٽ خانداني نظام نه هجي ته ماڻهو بک مري وڃن. اسان سماجي تحفظ جو ڍانچو موثر نه آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا ۾ مفت ۽ معياري تعليم ملندي هئي، اتي بيروزگاري تي امداد ملندي آهي، اتي عدالتن ۾ مدد ملندي هئي، پهريون ڀيرو پاڪستان اسلامي فلاحي رياست طرف هلي پيو آهي، اسان بجيٽ ۾ 500 ارب رپيا ڪامياب پاڪستان پروگرام جي لاءِ رکيا آهن. 40 کان 50 سيڪڙو خانداننک ي ان پروگرام تحت آڻي رهيا آهيون ان ۾ آبادگارن ۽ نوجوانن جي لاءِ وياج کان پاڪ قرض شامل آهن. وزيراعظم چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ سمورن شهرين کي هيلٿ انشورنس ڏني پئي وڃي. غريب ماڻهو تي سڀ کان وڏو عذاب ان وقت ايندو آهي جڏهن ان جي خاندان ۾ ڪو شخص بيمار ٿي وڃي ٿو ته ان جي علاج جي لاءِ قرض وٺڻو پوي ٿو، ان سان سڄو خاندان قرض هيٺ دٻجي وڃي ٿو. مون کي سڀ کان وڌيڪ خوشي انهنق دمن سان آهي، اهڙا قدم آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به نه آهن. اتي به هيلٿ انشورنس جي لاءِ پريميم ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم چيو ته اهي قدم هڪ جديد هيلٿ سسٽم جو بنياد آهي. ان سان ڳوٺاڻن علائقن ۽ ننڍن شهرن ۾ نجي ۽ سرڪاري وڏيون اسپتالون ٺهنديون. انهن علائقن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه ويندا هئا، هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ماڻهن پاران ان ڪارڊ ذريعي علاج جي ڪري اتي نيون اسپتالون ٺهنديون، سٺا ڊاڪٽر ويندا. وزيراعظم چيو ته نجي شعبي جي لاءِ اسان ان ڏس ۾ آسانيون پيدا ڪيون، اوقاف ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي زمين انهن کي سستي اگهن تي ڏينداسين، جيڪي طبي اوزار پاڪستان ۾ نه ٿا ٺهن اهتي ٻاهران گهرائڻ تي ڊيوٽي وصول نه ڪئي ويندي، اهو انقلابي قدم آهي. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ جيڪا ٽئين شيءَ اها فني تعليم آهي. هر گهر جي هڪ ماڻهو کي اسان هنرمندي جي تعليم ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ پنهنجي گهر جي لاءِ گهٽ آمدني گهر جو منصوبو شروع ڪيو آهي، ان طرف ماضي ۾ ڪنهن نه سوچيو، ان سان وڏن شهرن ۾ ڪچي آباديون پکڙجنديون رهيون، اسان عدالتن کان فور ڪلاز قانون منظور ڪرايو، بئنڪن کي عام ماڻهو کي قرض ڏيڻ جي لاءِ قائل ڪيو، 40 لک خاندانن کي ان پروگرام ۾ شامل ڪنداسين. هن چيو ته احساس پروگرام جي حوالي سان ايندڙ سال ڊيٽابيس مڪمل ٿي ويندي. اسان اهڙو سافٽ ويئر ٺاهي رهيا آهيون جنهن سان يوٽيلٽي ۽ ڪريانه اسٽورن وٽ انهن ماڻهن جي مڪمل ڊيٽا هوندي. ان سان هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي ضروري کاڌي پيتي جي شين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام تحت 90 هزار انڊر گريجوئيٽس کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. پاڪستان جو رخ اسلامي فلاحي رياست جي ويزن موجب ڪري ڇڏيو آهي، اسان پورهيتن کي مفت کاڌو ۽ رهائش فراهم ڪرڻ جي لاءِ پناهگاهون ٺاهيون، ان جو دائرو اهڙن علائقن تائين وڌائينداسين جتي ٻين علائقن مان ماڻهو اچي نوڪريون ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جو ٻيو نقطو انصاف جو آهي، جنهن ملڪ ۾ غريب ۽ امير جي لاءِ جدا جدا قانون هجي اتي معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. انصاف، تهذيب جو بنياد آهي، قانون جي حڪمراني معاشري جو بنياد آهي، دنيا ۾ جنهن معاشري ۾ انصاف هو اهو ئي معاشرو مٿي ويو، شيرشاهه سوري وڏن وڏن ڌاڙيلن کي ڪٽهڙي ۾ آندو، جنهن معاشري ۾ جنگل جو قانون هوندو اهو پستي ۾ هليو وڃي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ ملڪ اهڙو ٻڌايو جتي انصاف هجي ۽ اهو ملڪ غريب هجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غريب ملڪن مان مني لانڊرنگ ذريعي هڪ هزار ارب ڊالر ساليانو امير ملڪن ۾ هليا وڃن ٿا، ان سان مستقبل ۾ انهن غريب ملڪن ۾ تباهي ايندي. غريب ملڪن جي تباهي جو وڏو سبب مني لانڊرنگ آهي. جتان وڏا ماڻهو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلين ٿا، اها ئي پاڪستان ۾ حڪمران جي حڪمراني جي جدوجهد آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ۾ موجود صلاحيتن تائين پهچڻو آهي ته اسان کي اها جنگ کٽڻي آهي. طاقتور ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو آهي. هن چيو ته اسان جو ٽيون نقطو خودداري هئي. قائداعظم اسان جو هڪ عظيم ۽ خوددار ليڊر هو. خودداري جو درس اسان کي الله ۽ ان جي رسول ﷺ ڏنو آهي. جيڪو الله جي آڏو جهڪي ٿو اهو ڪنهن جي آڏو نه ٿو جهڪي ڀلي اهو رومن امپائر هجي يا پرشين. لااله الله انسان ۾ غيرت پيدا ڪري ٿو. قومي غيرت کانسواءِ تاريخ ۾ اڄ تائين ڪو به ملڪ ناهي اٿيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو مخالف ڌر ۾ هو ۽ پيپلزپارٽي سان مخالف گڏ مخالف ڌر بئنچن تي ويهندو هو ان وقت پاڪستان آمريڪا جو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا ذلت ان وقت مون محسوس ڪئي اها ڪڏهن محسوس نه ٿي. اسان فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻجڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان وقت منهنجي اسيمبلي ۾ هڪ ئي سيٽ هئي. ان جنگ سان اسان جو ڪهڙو تعلق هو، القاعده ۽ هٿياربند طالبان افغانستان ۾ هئا، اسان جو ڪو واسطو ئي نه هو. جڏهن اهي فيصلا ٿي رهيا هئا ۽ اجلاس ٿي رهيو هو، ان ۾ آئون به شامل رهيس، انهن اجلاسن ۾ ٻڌايو ويندو رهيو ته آمريڪا زخمي رڇ آهي ۽ اسان کي مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان کي مدد ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته دهشتگردي جو واقعو ٿيو هو پر ان کانپوءِ اسان جيڪو اسان ڪيو ڇا اهو صحيح هو، قوم ۽ ادارا غلطين مان سکي اڳتي وڌندا آهن. اسان ان جنگ ۾ پنهنجي 70 هزار ماڻهن جون قربانيون ڏنيون، 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو. دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي ڪا ٽيم پاڪستان نه ايندي هئي، اسان جي ملڪ کي دنيا جو خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو هو. جنرل ٽومي فرينڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته جنرل (ر) پرويز مشرف ڪمزور آهي، اسان کيس جيڪو به چونداسين هو سڀ ڪجهه ڪندو. پرويز مشرف پنهنجي شهرين کي گوانتانامو بي موڪليو. مشرف پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ اهو لکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي شهرين جي حفاظت نه ڪندي ته ڪير ڪندو. هن چيو ته تورا بورا آپريشن کانپوءِ قبائلي علائقن ۾ القاعده جا ٿورا ماڻهو آيا هئا ڇو ته افغانستان سان اسان جون سرحدون کليل هيون. آمريڪا جي چوڻ تي اسان القاعده جي ڪجهه سئو جنگجوئن جي پٺيان قبائلي علائقن ۾ فوج موڪلي جڏهن ته قبائلي اسان جا پنهنجا ماڻهو هئا، انهن تي ڊرون حملا ڪيا ويا، اڌ قبائلي آبادي لڏپلاڻ ڪئي جن جي اڃا تائين بحالي ناهي ٿي. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون انهن قدمن جي مخالفت ڪندو هئس ته ڪجهه ماڻهو مون کي طالبان خان چوڻ لڳا ۽ چيو ويندو هو ته هي طالبان جو حامي آهي. هن چيو ته اهو اسان جي تاريخ جو سياهه ترين وقت هو. اسان کي دوست ۽ دشمن ۾ فرق نه اچي رهيو هو. ڪٿي ڪنهن اها ڳالهه ٻڌي هجي ته توهان جو اتحادي ئي توهان تي بمباري ڪري رهيو هجي. وزيراعظم چيو ته لنڊن ۾ 30 سالن کان اسان جو هڪ دهشتگرد ويٺل آهي، ڇا برطانيا اسان کي ڊرون حملي جي اجازت ڏيندو؟ جيڪڏهن هو اجازت نه ڏئي رهيو آهي ته اسان ڇو اجازت ڏني هئي، ڇا اسان اڌ انسان آهيون، ڇا اسان جي جانين جو ڪو قدر نه آهي. حڪومت انهن حملن بابت پنهنجي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو هو. هن چيو ته آمريڪي سينيٽ ۾ کليل ٻڌڻي دوران ايڊمرل مولن کان پڇيو ويو ته جڏهن پاڪستان ڊرون حملن جي مذمت ڪري رهيو آهي ته توهان ڊرون حملا ڇو ڪري رهيا آهيو، ان جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي حڪومت جي اجازت سان اهي حملا ڪري رهيا آهيون. ان تي هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پنهنجي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ان سڄي صورتحال ۾ دنيا نه پر اسان پاڻ پنهنجي تذليل ڪئي. دنيا ۾ اهڙي قسم جو ڪو مثال نه ٿو ملي. ان جي باوجود اسان چئون ٿا ته دنيا اسان جي عزت ڇو نه ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسامه بن لادن تي حملو ٿيو ته سمنڊ پار پاڪستاني لڪندا رهيا هئا، انهن پاڪستان مون کي ٻڌايو ته اهي ماڻهن کي منهن ٿا ڏئي سگهن، ڇا آمريڪا کي اسان تي ايترو به اعتماد نه هو ته اهي اسان کي ٽارگيٽ ڏي ها ۽ اسان پاڻ ڪارروائي ڪريون ها. اسان دوست هئاسين يا دشمن، اسان جي سڄي عزت نفتس ختم ٿي وئي هئي. وزيراعظم چيو ته کيس ياد آهي ته ان کانپوءِ روشن خيال اعتدال پسندي جو تصور اندو ويو، مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو ته اها ڪهڙي شيءَ آهي. ماڻهن کي به خبر نه آهي ته ان جو مطالب ڇا آهي پر اسان جيڪو ڏٺو اهو اهو ته سڀني سوٽ پائي انگريزي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته مون کان اهو پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان آمريڪا کي هوائي اڏا ڏيندو ته منهنجي دل ڪري رهي هئي آئون کانئس اهو سوال پڇان ته پاڪستان 70 هزار انساني جانين جي قرباني ڏني، اربين ڊالر پنهنجي معيشت جو نقصان کنيو، آمريڪا اسان جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ بدران اسان کي برو ڀلو ۽ افغانستان ۾ اسان تي ڊبل گيم کيڏڻ جو الزام هنيو. هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن خوف جي ڪري پنهنجي خودمختياري تي ٺاهه نه ڪنداسين. افغانستان ۾ اسان جي لاءِ مشڪل وقت اچي رهيو آهي، افغانستان ۾ آمريڪا جو ۽ اسان جو مفاد هڪ آهي، اهي هاڻي ان نتيجي تي آيا آهن ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ ان نقطي تي اچي وڃن ها ته نقصان گهٽ ٿئي ها. وزيراعظم چيو ته اسان افغانين کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا ۽ انهن جي تاريخ کان آگاهه آهيون ته انهن ڪڏهن ٻاهرئين مداخلت برداشت نه ڪئي. جيڪڏهن ماضي ۾ اسان فعال ۽ خوددار حڪومت وانگر بيهي اهو چئي ڇڏيون ها ته اهو ڪم غلط آهي ته اسان انهن کي بچائي وٺون ها. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته آمريڪي فوج افغانستان مان نڪري رهي آهي ته اهي پاڪستان کي اهو چون ٿا ته اهي افغانين کي ڳالهين جي ميز تي آڻين. هن سوال ڪيو ته ڇا پاڪستانين وٽ سواءِ ڪجهه افغان خاندانن کانسواءِ اهڙي ڪهڙي طاقت آهي جو اهي انهن کي ڳالهين جي ميز تي آڻين. وزيراعظم چيو ته هو افغان صدر اشرف غني سميت ٻين ماڻهن سان مليو، افغانستان ۾ امن اسان جي مفاد ۾ آهي. اسان جا وچ ايشيا جي ملڪن سان لاڳاپا آهن، ريلوي لنڪ سميت ٻيا رابطا هتان جي امن سان واڳيل آهن. اسان ڀائپي ۽ امن چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان آمريڪا سان امن جا حصيدار ضرور ٿي سگهون ٿا پر تڪرارن ۾ حصيدار نه ٿا بڻجي سگهون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ 20 ارب ڊالر جو واپاري خسارو ورثي ۾ مليو هو، هاڻي اهو 11 مهينن کان سرپلس ۾ آهي. جيڪڏهن اوورسيز پاڪستاني اسان جي مدد نه ڪن ها ته اهو ممڪن نه هو. هي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو ملڪ آهي ۽ پنهنجي ملڪ کان بهتر ڪا جڳهه نه آهي. ڪئناڊا ۾ تازو ئي هڪ پاڪستاني مسلمان خاندان سان پيش ايندڙ واقعو سڀني جي آڏو آهي. هڪ نوجوان ڪاشف جو بيان ڏسي رهيو هئس جيڪو انتهائي تڪليف ڏيندڙ هو. جنهن تي چاقو سان حملو ڪيو ويو، هو پنهنجي خاندان جي لاءِ پريشان آهي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته اسان پنهنجي اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ هتي نوڪريون نه ڏئي سگهياسين جڏهن ته انهن تي مشڪلاتون پونديون ته اهي پاڪستان ۾ ايندا. پاڪستان هاڻي صحيح رخ طرف گامزن آهي، اهي هتي اچي پنهنجو ڪاروبار ڪن، سيپڪاري ڪن، انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانيز بئنڪن ۾ پنهنجا پئسا جمع ڪرائين، پاڪستان کي رپئي جي قدر ۾ اضافي ۽ واپاري خساري جي ڪري ايندر دٻاءُ کان گهٽ وقت ۾ اوورسيز پاڪستاني ئي ڪڍي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته مون کي ان وقت وڏي تڪليف ٿئي ٿي جڏهن ملڪ جي سربراهه طور ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي قرض وٺڻو پوي ٿو. ان سان اڳواڻ کي شرمندگي ٿئي ٿي ان سان قوم به پستي جو شڪار ٿئي ٿي. هن چيو ته آئون قوم کي چوان ٿو ته اهي کليل سان جيستائين ٽيڪس نه ڏيندا اهي عظيم قوم نه ٿا بڻجي سگهن. 22 ڪروڙ آبادي جي ملڪ ۾ 22 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. ان سان ڪيئن بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر 500 ارب رپين کان وڌيڪ جا منصوبا منهنجي آڏو کڻي آيا. جيڪڏهن اسان وٽ پئسو نه هوندو ته اهي منصوبا ڪيئن ٺاهي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان وزيراعظم هائوس جا خرچ 108 ڪروڙ رپيا گهٽ ڪيا. پاڪ فوج گذريل ٻن سالن کان پنهنجي بجيٽ منجمند ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته خوددار قوم بڻجڻو آهي ته اسان کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. جهڙي طرح پاڪستاني قوم زڪوات ۽ خيرات ڏي ٿي اهڙي طرح کليل دل سان ٽيڪس به ڏي. هن چيو ته ڪاروباري شخصيتن پاڻ مون کي ٻڌايو ته انهن موجوده دور ۾ تمام گهڻو پئسو ٺاهيو، اهي ديانتداري سان ٽيڪس ڏين، اسان ايف بي آر کي ٺيڪ ڪنداسين. اتي خودڪاير نظام آڻي رهيا آهيون. اسان چاهيون ٿا ته دنيا ۾ سائي پاسپورٽ جي عزت هجي. ان جي لاءِ ترقي يافته ملڪن وانگر اسان کي به ٽيڪس ڏيڻو پوندو. اسان مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ اوڳاڙين جو هدف 5800 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪو به ڄاڻي واڻي ٽيڪس نه ڏيندو ته ان کي جيل وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميري عوام تي ظلم ڪري رهي آهي. ظلمن جو اهو سلسلو اڳ ۾ به جاري هو پر جڏهن بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي حڪومت آئي آهي ڪشميرين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪشميري مائرن، ڀينرن، ڌيئرن ۽ ڀائرن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن آئون پوري پارليامينٽ پاران انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. جهڙي طرح 80 لک ڪشميرين تي 8 لک ڀارتي فوج مقرر ڪئي وئي، ماڻهن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو، پر ان جي باوجود ڪشميري ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍ آڏو بيٺل آهن. سڄو پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ جا هڪطرفا قدم واپس نه ٿو وٺي ڀارت سان سفارتي لاڳاپا بحال نه ٿيندا.