
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي به موجود هئا. هن ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ارباب غلام رحيم وزيراعظم جي ڪامياب معاشي پاليسين کي ساراهيو ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪيو.