اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ لاهور راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي ڪامياب ٻولي ڏيندڙ به شريڪ هئا. ٻئي طرف وزيراعظم جي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي اجلاس به ٿيو.