اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 2018ع کان 2021ع جي 3 سالن ۾ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي ماضي جي خرچن جي ڀيٽ ۾ 108 ڪروڙ رپين جي بچت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سوچو جيڪڏهن نواز، زرداري هجن ها ته اهي 108 ڪروڙ انهن جي عياشين تي خرچ ٿيڻا هئا.