ليکڪ: سجاد حيدر
پشاور – 06 فيبروري (اي پي پي) خيبرپختونخواهه 10 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگردي جي سخت لهر جي اثر هيٺ رهيو. هي اهو عرصو هو جڏهن هتي ماڻهو پنهنجي مستقبل جي حوالي سان سخت مايوسي ۽ بي يقيني جو شڪار هئا. ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن، خودڪش حملن ۽ دهشتگردي جي ٻين واقعن ذهنن کي نفسياتي طور تي ايتري قدر متاثر ڪري رکيو هو جو هر ڏينهن صبح ڪم ڪار ۽ نوڪرين جي لاءِ گهرن مان نڪرندڙ شام جو گهرن ڏانهن واپسي جي اميد تائين وڃائي ويٺا هئا. هي اهو عرصو هو جڏهن ڪير سوچي به نه سگهندو هو ته خيبرپختونخواهه ۾ زندگي معمول طرف ايندي ۽ هتان جا ماڻهو ٻيهر سڪون ۽ اطمينان ۽ خوشي جي ڪيفيتن مان لطف اندوز ٿي سگهندا. اهو الله پاڪ جو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي عوام جي تعاون سان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين جو ثمر آهي جو اهل وطن ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام کي نه رڳو دهشتگردن جي وجود ۽ ان جي پيدا ڪيل سخت مايوسي وارين ڪيفيتن مان ڇوٽڪارو مليو پر انهن جي زندگين ۾ رونقون ۽ سير ۽ تفريح جا موقعا به واپس اچي رهيا آهن.
سڄي پاڪستان ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواهه کي قدرت جنهن حسن ۽ دلڪش سياحتي جاين سان نوازيو آهي ان کي دنيا ساراهي ٿي. هڪ ڊگهي عرصي کان اها ضرورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي ته انهن سياحتي جاين کي سڄي ملڪ ۽ پوري دنيا جي سير ۽ سياحت جي شوقين ماڻهن جي لاءِ سياحتي ۽ تفريحي لحاظ کان ترقي ڏني وڃي. ان ڏس ۾ انهن جاين تائين پهچ ۽ قيام ۽ طعام سميت ٻين سمورن لاڳاپيل حوالن سان سهولتن جي فراهمي ۽ انهن سهولتن کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويندو رهيو آهي. موجوده حڪومت جي اٽڪل اڍائي سالا دور جي دوران ۽ ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جي 5 سالا دور ۾ به جيئن جيئن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي سياحتي جاين جي ترقي ۽ انهن جاين تي سير ۽ تفريح جي وڌ کان وڌ موقعن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. انهن ئي حڪومتي ڪوششن جو نتيجو آهي جو سڄي ملڪ بشمول خيبرپختونخواهه صوبي جي سياحتي جاين تي سال جي مختلف ڏينهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن جي اچڻ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهي جايون جن طرف سياح عام طور تي گرمين جي موسم ۾ وڌيڪ ويندا هئا ۽ سردين ۾ سياحتي سرگرميون ختم ٿيندي نظر اينديون هيون هاڻي سردين ۾ به رونق ۽ آباد ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هل
ندڙ سردين جي موسم دوران به خيبرپختونخواهه جي مختلف سياحتي جاين بشمول ڪالام، گليات، ڪاغان، ناران ۽ مالم جبا ۾ سياحن جي آمد انگ جي حساب سان نئين بلندين تائين پهتي آهي جنهن جي ڪري نه رڳو انهن علائقن جي عام رهواسين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي دل خوشي ۽ اطمينان جي ڪيفيتن مان گذري آهي پر اها صورتحال پوري صوبي ۽ ملڪ جي گڏيل اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال تي پڻ خوشگوار اثر ڇڏي رهي آهي.
هلندڙ سردين جي موسم ۾ خيبرپخونخواهه جي انهن سياحتي جاين تي جن جي دلڪشي برفباري کانپوءِ وڌيڪ نکري وڃي ٿي ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن جي دل جوئي ۽ تفريح جي لاءِ ڪيترائي خوصي قدم کنيا ويا جن ۾ سنو فيسٽيولز جي نالي سان سرمائي راندين جي مقابلن کي سڀ کان وڌيڪ پذيرائي ملي. انهن خصوصي سنو فيسٽيولز جو انعقاد خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي ڪيترين ئي تفريحي جاين جي شان وڌائڻ جو سبب بڻيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ گليات ۽ مالم جبا جي جاين تي منعقد سنو فيسٽيولز هڪ نئين تاريخ لکي آهي. انهن فيسٽيولز ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جا نه وسارڻ جوڳا احساس، جذبا ۽ جن ناقابل بيان خوشي وارين ڪيفيتن جي اثر هيٺ گهرن ڏانهن واپس ويا آهن اهي هڪ طرف انهن کي بار بار اتي اچڻ لاءِ اتساهي رهيا آهن ته ٻئي طرف انهن
کي پنهنجي اثررسوخ وارن تڪن ۾ ۽ ان کان اڳتي وڌي ڄاڻايل جاين جي تشهير تي پڻ مجبور ڪري رهيا آهن. جيستائين مالم جبا سنو فيسٽيولز جو تعلق آهي اهو رنگا رنگ ميلو هڪ هفتي کان وڌيڪ تائين پنهنجو رنگ ڄمائڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو، ان ميلي ۾ سردين جي موسم جي مختلف راندين جا مقابلا پڻ ٿيا جن ۾ اسڪيئنگ، سنو بورڊنگ، آئس هاڪي وغيره شامل آهن جڏهن ته روايتي ۽ مقامي کاڌن ۽ دستڪاري جون نمائشون ۽ ٻيون سرگرميون پڻ ميلي جو حصو هيون، ان دوران 22 کان 24 جنوري تائين انٽرنيشنل سنو بورڊنگ ٽورنامينٽ منعقد ٿيو، ايونٽ ۾ يورپ، بيلجيئم، افغانستان ۽ پاڪستان جا رانديگر شريڪ ٿيا. خيبرپختونخواهه جي سياحت واري کاتي جي انتظام هيٺ خيبرپختونخواهه ڪلچرل اينڊ ٽوئرازم اٿارٽي ۽ سيمسن گروپ آف ڪمپني جي گڏيل حصيداري سان منعقد ٿيندڙ پاڪستان انٽرنيشنل سنو بورڊنگ ڪپ سان گڏوگڏ فوڊ اينڊ ميوزڪ فيسٽيول پڻ رکيو ويو هو جنهن سان نه رڳو رانديگر پر حسين واديءَ جو رخ ڪندڙ هزارين سياح به لطف اندوز ٿيا. ان دوران گلگت بلتستان مان ايندڙ يوگا ٽرينر ماهه گل ڪبير مالم جبا جي جڳهه تي خصوصي يوگا ٽريننگ سيشن پڻ منعقد ڪيو جڏهن ته موسيقي جي محفل پڻ ان دوران پنهنجو رنگ ڄمائيندي رهي.
پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد خاص مهمان هو ان سان گڏ خيبرپختونخواهه جي سياحت واري کاتي ۽ سيمسن گروپ آف ڪمپني جا عهديدار پڻ موجود هئا. پاڪستان انٽرنيشنل سنو بورڊنگ ڪپ دوران عورتن جي جوائنٽ سلام مقابلن ۾ پاڪستان جي فاطمه نديم 3 منٽ 42 سيڪنڊ جي وقت سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته سارا نديم ٻنهي رن جي گڏيل وقت موجب 4 منٽ 7 سيڪنڊ سان ٻي ۽ پاڪستان جي ئي عائشه اڪمل 4 منٽ 51 سيڪنڊ سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ايونٽ ۾ 8 عورتن جن ۾ ٽن عورتن جو تعلق افغانستان سان آهي پڻ حصو ورتو. مردن جي انٽرنيشنل سنو بورڊنگ جي جوائنٽ سلام مقابلن ۾ بيلجيئم جي وڪٽر روجر 1 منٽ 36 سيڪنڊ سان پهرين، بيلجيئم جي ئي جولين 1 منٽ 39 سيڪنڊ سان ٻي ۽ بيلجيم جي ئي هيري 1 منٽ 41 سيڪنڊ سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. انهن جوائنٽ سلام متوازي مقابلن ۾ پاڪستان جي رضاالله گولڊ، افغانستان جي احمد سروش سلور جڏهن ته پاڪستان جي وڪيل احمد برانز ميڊل حاصل ڪيو جڏهن ته عورتن جي انهن متوازي مقابلن ۾ سارا نديم گولڊ، فاطمه نديم سلور ۽ عائشه اڪمل سلور ميڊل حاصل ڪيو.
انٽرنيشنل سنو بورڊنگ مقابلن ۾ مردن ۽ عورتن سميت يورپ، بيلجيئم، افغانستان ۽ پاڪستان مان 8 عورتن سميت 44 رانديگرن حصو ورتو جن سنو فيسٽيول ۽ سنو بورڊنگ ايونٽ منعقد ڪرڻ کي بهترين قدم قرار ڏنو. انهن رانديگرن جو چوڻ هو ته مالم جبا ۾ قيام ۽ سنو فيسٽيول دوران انهن جيڪو لطف حاصل ڪيو اهو وسارڻ جوڳو نه آهي، انهن جي خواهش هوندي ته اهي بار بار هتي اچن ۽ ان لطف جي ياد تازي ڪندا رهن، انهن دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان ۽ ان جو صوبو خيبرپختونخواهه هاڻي هڪ پرامن علائقو آهي جتي سڄي دنيا جي سياحن جي تفريح جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه موجود آهي تنهن ڪري سياحت ۽ سير تفريح جي شوقين ماڻهن کي هتي ضرور اچڻ گهرجي.
ان حوالي سان خيبرپختونخواهه ٽوئرازم اٿارٽي جي سربراهه جنيد خان جو چوڻ آهي ته صوبي جي مشهور سياحتي وادين ۽ قديم تهذيبي جاين طرف وڌ کان وڌ سياحن کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته مالم جبا پاڪستان ۾ بهترين ريزارٽ آهي. هن ٻڌايو ته هتي اسڪيئنگ مقابلن سان گڏوگڏ 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي لاءِ الپائن اسڪيئنگ ۽ اسڪيئنگ جا مقابلا، ڪرلنگ وغيره جا مقابلا پڻ سنو فيسٽيول جو حصو هئا. هن چيو ته هي فيسٽيول دنيا کي هڪ مثبت پيغام ڏيندو ته پاڪستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن بحال ٿي ويو آهي، اهڙي طرح مالاڪنڊ ۽ هزاره سميت خيبرپختونخواهه جي ٻين حصن ۾ سياحتي سرگرميون وڌنديون. هن وڌيڪ چيو ته خوبصورت جاين جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هتي معدنيات، زرعي ذخيرا ۽ ٻيا وسيلا به وڌيڪ آهن جڏهن ته قدرتي مٺي پاڻي جا چشما، ڍنڍون، آبشار، اونچا برفيلا پهاڙ، واديون ۽ ٻيا نظارا هن خطي جو خاص حصو آهن. هن چيو ته ٽوئرازم اٿارٽي جي اهم ڪردار غيرملڪي ۽ ملڪي ۽ مقامي سياحن کي خيبرپختونخواهه جي سياحتي جاين طرف راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اٿارٽي پاران واديءَ سوات، مالم جبا ان جي ريزارٽ، گليات، ڪمراٽ ۽ ٻين جاين تي تسلسل سان اهڙيون سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن جيڪي سياحن جي لاءِ پرڪشش آهن ۽ انهن قدمن جي نتيجي ۾ هر سال سياحن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي.
گليات ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري سنو فيسٽيول سان گليات جي سياحن کي وڌيڪ فروغ مليو، 20 هزار کان وڌيڪ سياحن جي نٿيا گلي ۽ ايوبيه اچڻ سان هوٽل انڊسٽري ۽ ٻين مقامي ڪاروباري ماڻهن کي روزگار جا نوان موقعا مليا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ اعليٰ تعليم واري خاص معاون ڪامران بنگش سنو فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ نئين سياحتي جاين کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ٻن مهينن دوران 7 لک کان وڌيڪ سياحن گليات جو دورو ڪيو آهي، سرمائي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا ۾ خيبرپختونخواهه جو مثبت اميج سامهون آيو آهي، سنو فيسٽيول منعقد ڪرڻ سان جتي سياحتي شعبي کي فروغ ملندو اتي روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. صوبائي حڪومت سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سڄي صوبي ۾ نئين سياحتي جاين کي ترقي ڏئي رهي آهي جنهن سان صوبي ۾ سياحت کي وڌيڪ ترقي ملندي، خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن جو اهو شعبو گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته سياحت جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي ويزن تي جيئن جو تيئن عمل ٿي رهيو آهي جنهن سان عام ماڻهو کي روزگار جا موقعا ملندا.
خيبرپختونخواهه ڪلچرل اينڊ ٽوئرازم اٿارٽي، ضلعي انتظاميا چترال لوئر ۽ هندوڪش سنو اسپورٽس ڪلب جي گڏيل حصيداري سان چترال جي خوبصورت واديءَ مداقلشت ۾ به هندوڪش سنو اسپورٽس فيسٽيول 29 کان 31 جنوري تائين منعقد ٿيو جنهن ۾ اسڪيئنگ، سنو بورڊنگ، آئس اسڪيئنگ، آئس هاڪي، سنو ٽريڪنگ، برف جي مجسمه سازي سميت بار بار ڪيو نائٽ ۽ موسيقي جي محفل جو اهتمام ڪيو ويو. فيسٽيول ۾ 10 غيرملڪي رانديگرن ۽ ٽرينرز سميت 500 کان وڌيڪ اسڪيئنگ رانديگرن شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ سياحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي دلڪش سياحتي جاين کي ساراهيو.
سياحتي ڌرين جو چوڻ آهي ته تازن سالن ۾ سنو فيسٽيولز منعقد ڪرڻ سان سرمائي سياحت کي فروغ ملي رهيو آهي ۽ هزارن جي انگ ۾ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان سياح ان فيسٽول جو حصو بڻجي رهيا آهن جنهن سان سخت سرديءَ ۽ برفباري جي باوجود مقامي ماڻهن ۽ واپارين کي ڪاروبار جا موقعا ملي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي دلڪش ۽ دل کي وڻندڙ قدرتي منظرن کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندي سياحت جي فروغ سان گڏوگڏ معيشت کي به سگهه ملندي.