APP08-07 ISLAMABAD: June 07 - President Mamnoon Hussain addressing the Pakistani team which secured second place in Street Child Football World Cup at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته تعليم سان گڏوگڏ راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن اها ڳالهه اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ چئي. صدر چيو ته اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري انهن ٻارن پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي.