APP09-18 ISLAMABAD: May 18 – Acting President Muhammad Sadiq Sanjrani conferring the Nishan-i-Imtiaz (Military) upon General Zhang Youxia, Vice Chairman of Chinese Central Military Commission at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجرڻي چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل چانگ يوشا کي نشانِ امتياز ملٽري عطا ڪري ڇڏيو آهي. چيني فوج جي سربراهه کي اعزاز عطا ڪرڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن کانسواءِ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ معزز مهمان وقتي صدر سان ملاقات به ڪئي، وقتي صدر نشان امتياز ملٽري جو اعزاز حاصل ڪندڙ معزز مهمان کي مبارڪباد پيش ڪئي