گڏيل قومون- 08 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي طالبان کان انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ڪرڻ، دهشتگرديءَ خلاف ۽ انساني بحران جي خاتمي لاءِ فيصلائتن قدمن جي مطالبن تي ٻَڌل ٺهراءَ جي وڏي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنرل اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَ تي ووٽنگ دوران ٺهراءَ جي حمايت ۾ پاڪستان جي ووٽ سميت 116 ووٽ پيا، 12 ميمبر ملڪ غير حاضر رهيا ۽ ٻن ملڪن اسرائيل ۽ آمريڪا ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. ڀارت ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ طالبان جي اقتدار ۾ واپسيءَ جي اٽڪل چئن سالن بعد افغانستان کي درپيش گهڻ رُخي بحرانن تي روشني وڌي وئي، جنهن ۾ افغان عوام لاءِ وڌ کان وڌ عالمي حمايت ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ نئين سر زور ڀرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ جي شرطن تحت 193 ميمبرن واري اسيمبلي مسلسل تشدد ۽ القاعده، اسلامڪ اسٽيٽڪ ان عراق اينڊ دي ليوانت (آءِ ايس آءِ ايل داعش) جهڙن دهشتگرد گروپن ۽ انهن جي ذيلي تنظيمن داعش خراسان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي موجودگيءَ تي پنهنجي سنگين ڳڻتيءَ جو ورجاءُ ۽ مطالبو ڪيو ته افغانستان کي دهشتگرد گروپن جي سرگرمين لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻجڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ٺهراءَ ۾ افغانستان ۾ انساني، سياسي ۽ ترقياتي ڪردار ادا ڪندڙن وچ ۾ مضبوط نقطهءِ نظر جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ۽ اتي سمورين عورتن ۽ ڇوڪرين تي سنگين، بگڙجندڙ، وسيع ۽ منظم ڏاڍ تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي طالبان کان مطالبو ڪيو ويو ته هو اهڙين پاليسين کي تيزيءَ سان تبديل ڪري جيڪي عورتن کي تعليم، ملازمت ۽ عوامي زندگيءَ جي خارج ڪن ٿيون. ان موقعي تي پاڪستان عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته هو طالبان کي سندن وعدن تي قائم رکڻ لاءِ هڪ آواز ٿي ڳالهه ڪري جنهن ۾ ڪنهن به ملڪ خلاف افغان سرزمين جي استعمال جي اجازت نه ڏيڻ ۽ دهشتگرديءَ کان پاڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصد کي يقيني بنائڻ شامل آهي. ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبليءَ ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي طالبان کان انساني حقن جي احترام کي يقيني بنائڻ، عالمي قانونن جي پاسداري ڪرڻ، دهشتگردي ۽ انساني بحران خلاف فيصلي وارن قدمن جو به مطالبو ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي دهشتگردن طرفان افغانستان مان پاڪستان ۾ دخل اندازي جون ڪوششون جاري آهن، اسان وٽ ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن جيئن بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ وچ ۾ سهڪار جا اعتبار جوڳا ثبوت به موجود آهن. هن چيو ته چئن ڏهاڪن کانپوءِ افغانستان ۾ جنگ ختم ٿيڻ باوجود مايوسي ۽ خوف جو عنصر موجود آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دهشتگرد ۽ اڪثر پراڪسيز افغان سرزمين ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان خلاف استعمال ڪندا رهيا آهن، ان صورتحال ۾ افغانستان کي ان جي حال تي نه ڇڏڻ گهرجي. اسان ان حوالي سان دوحه عمل ۽ ڊي فيڪٽو عملدارن سان منظم رابطي لاءِ گڏيل قومن جي قيادت ۾ ٿيندڙ ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا. افغانستان جي حوالي سان هڪ جامع فريم ورڪ جي فوري ضرورت آهي جيڪو متوازن انداز ۾ سمورن مسئلن تي هڪجهڙو ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ علائقائي خدشن کي به ختم ڪري. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني تباهيءَ کي روڪڻ پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، افغانستان جي حوالي سان 2025ع جو انساني ضرورتن ۽ ريسپانس پلان شديد طور تي ناڪافي آهي جنهن ۾ هاڻي تائين گهربل 2.42 بلين ڊالرن جو صرف 15.7 سيڪڙو حاصل ٿي سگهيو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ان منصوبي کي گهربل فنڊ فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغانين جي ميزباني ڪئي آهي، آگسٽ 2021ع کان وڌيڪ 10 لک غير دستاويزي ماڻهو ملڪ ۾ داخل ٿيا جنهن سان ٻين مسئلن کان علاوه امن امان جا خدشا به پيدا ٿيا. اسان جي نظر ۾ عالمي برادريءَ کي ان بار کي وڌيڪ منصفاڻي طور تي ورهائڻ گهرجي. هن افغان معيشت ۽ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪرڻ تي به زور ڀريو جنهن ۾ آمريڪا ۾ ضبط ڪيل افغانستان جي مالي اثاثن کي غير منجمند ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي ممڪن بنائڻ شامل آهي. ان حوالي سان پنهنجي ڪردار طور پاڪستان واپار کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن جي قدمن جهڙوڪ ڪاسا 1000، تاپي، ازبڪستان، افغانستان پاڪستان ريلوي ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين واڌ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته اسان کي مڃڻ گهرجي ته هڪ اهڙي اٿارٽي آهي جيڪا افغانستان جي سرزمين کي ڪنٽرول ڪري ٿي جنهن لاءِ ڪوبه اعتبار جوڳو چئلينج ناهي. ان کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي افغانستان ۾ هڪ ٻئي تڪرار کي ڀڙڪائي سگهن ٿا، جنهن سان سڄو خطو متاثر ٿي سگهي ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي ته خرابي ڪندڙن کي افغانستان جي اندر يا ٻاهر جتي به هجن عدم استحڪام ۽ دهشتگرديءَ کي وڌاءُ ڏيڻ کان روڪيو وڃي. افغانستان مان دهشتگردي ان جي پاڙيسري خاص ڪري پاڪستان لاءِ سنگين خطرو آهي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته داعش خراسان افغان عملدارن کي نشانو بنائڻ جون ڪارروايون جاري رکيون آهن، جڏهن ته ٻيون دهشتگرد تنظيمون جن ۾ القاعده، فتنه الخوارج، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عسڪريت پسند گروپ افغانستان مان ڪارروايون جاري رکندا پيا اچن. هن چيو ته اٽڪل 6 هزار ويڙهاڪن سان ٽي ٽي پي گڏيل قومن جو سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ آهي، جيڪو افغان سرزمين تان ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي قومي سلامتيءَ کي سڌيءَ ريت خطرو آهي. افغانستان کي ڪنهن ٻئي خلاف دهشتگرديءَ جي محفوظ پناهگاهه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عالمي فوجين طرفان اصل ۾ ڇڏيل جديد هٿيار، بارود ۽ جديد ترين اوزارن جو هڪ وڏو ذخيرو پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ضبط ڪري ورتو آهي جيڪي پاڪستان خلاف وڌندڙ جديد حملن لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ سلامتيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو رهندو. پاڪستان پنهنجون عالمي ذميواريون خاص ڪري عورتن جي حقن ۽ وڌيڪ سياسي ۽ سماجي شموليت کي پورو ڪرڻ لاءِ افغان عملدارن سان عالمي برادريءَ جي اُميدن جو مڪمل سهڪار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان افغان نوجوانن لاءِ تعليمي سرگرمين ۽ موقعن لاءِ حمايت به جاري رکي آهي. هن وقت 4500 افغان شاگرد ان موقعي مان فائدو کڻي رهيا آهن.