لنڊن-08 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاريءَ جي نظام کي شفاف، اثرائتو ۽ سيڙپڪار دوست بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ مربوط ون ونڊو پليٽ فارم طور تي سيڙپڪاريءَ جي فيصلن کي تيز بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن ۾ پاڪستان پهچ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. پاڪستان ايڪسيس ڊي عالمي ڪانفرنس جو انتظام جفريز پاران ڪيو ويو. ڪي ٽريڊ سيڪيورٽيز پڻ ڪانفرنس ۾ معاونت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مشهور عالمي اداره جاتي سيڙپڪارن، عالمي بئنڪن، سيڙپڪارن جي ادارن جي سينيئر ايگزيڪيوٽوز ۽ عوامي ۽ نجي شعبي جي ماهرن تي ٻَڌل معزز شرڪت ڪندڙن جو وڏن انگ شريڪ هو. وزيراعظم جو نجڪاريءَ بابت صلاحڪار محمدعلي پڻ موجود هو ۽ خطاب پڻ ڪيو. ڪانفرنس جي اهتمام جو مقصد عالمي ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن بابت آگاهه ڪرڻ لاءِ پليٽ فراهم فراهم ڪرڻ هو. پنهنجي خطاب ۾ سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان حڪومت جي ميڪرو اڪنامڪ سڌارن ۽ ڍانچه جاتي تبديلين بابت پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت معاشي استحڪام کي پائيدار بنائڻ لاءِ سڌارن جي راهه تي گامزن آهي، پاڪستان معاشي استحڪام طرف نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻ مضبوطي ۽ نظم و ضبط جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان اندروني ۽ پرڏيهي چئلينجز جي هڪ مشڪل دؤر جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ـ اڄ پاڪستان هڪ بحال ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي بيٺل آهي. اسان جرئتمنداڻي ۽ ڏور رس سڌارن ذريعي مالياتي نظم و ضبط بحال ڪيو، پرڏيهي شعبي کي مستحڪم ڪيو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته مالي سال 2025ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ دوران پاڪستان 3.6 ٽريلين رپين جو پرائمري بجيٽ سرپلس حاصل ڪيو جڏهن ته اپريل 2025ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي صرف 0.3 سيڪڙو ٿي وئي جيڪا گذريل هڪ ڏهاڪي جي گهٽ ترين سطح آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار جو هدف 50 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ، مهانگائيءَ کي 6 سيڪڙو تائين محدود ڪرڻ ۽ 5 ارب ڊالرن جي ماليت جي آءِ سي ٽي فري لانسنگ انڊسٽري قائم ڪرڻ پڻ منصوبي ۾ شامل آهي. ان کان علاوه پاڪستان گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي، تجديد جوڳي توانائيءَ جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ آمدني جي بنياد تي غربت ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائيءَ جو هدف به رکي ٿو. هن واضح ڪيو ته اهي سمورا هدف حڪومت جي جامع فائيو ايز فريم ورڪ جو حصو آهي. هن ٻُڌايو ته سيڙپڪاري پاليسي 23ع غير ملڪي سيڙپڪارن کي واضح خدشا ۽ مراعتون فراهم ڪري ٿي جڏهن ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل هڪ مربوط ون ونڊو پليٽ فارم طور تي سيڙپڪاريءَ جي فيصلن کي تيز بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي سيڙپڪاري نظام کي شفاف، اثرائتو ۽ سيڙپڪار دوست بنائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائزيشن انيشيئٽو تحت هاڻي تائين 160 کان وڌيڪ سڌارا ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان بزنس پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ڪاروبار جي داخل ڪرڻ، اجازت نامن ۽ منظوريءَ جي عمل کي ڊجيٽل طور تي آسان بنائيندو. هن اهو به ٻُڌايو ته ويزا پاليسي ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ هاڻي 126 ملڪن جا شهري 24 ڪلاڪن ۾ اِي ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا جنهن سان عالمي ڪاروباري رابطا وڌيڪ آسان ٿي ويا آهن. ان موقعي تي نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمدعلي تقريب کي خطاب ڪندي رياستي ادارن جي نجڪاري جي روڊ ميپ تي تفصيلي روشني وڌي. هن جاري عمل کي شفاف ۽ برابري وارو قرار ڏنو ۽ مختلف شعبن ۾ موجود منافعي بخش سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. ان خاطري ڪرائي ته حڪومت جي نجڪاري مهم جو مقصد عوامي خدمت جي فراهميءَ کي اثرائتو بنائڻ ۽ عوامي اثاثن جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ آهي، جڏهن ته نجي سرمائي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. ڪانفرنس عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت ۽ امڪانن تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي اظهار ۽ دلچسپيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتي.