اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موجوده علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ اٽلي جي وزيرن واري ڪائونسل جي نائب صدر ۽ پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير انتونيو تاجاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پنهنجي اطالوي هم منصب کي عالمي سرحد پار کان شهري آبادين کي نشانو بڻائيندڙ اسٽينڊ آف هٿيارن جي استعمال جي ذريعي ڀارت جي جارحيت ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي بابت بريفنگ ڏني. هن ڀارت جي بزدلاڻي حملن جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهري شهيد ٿيا. نائب وزيراعظم ڀارت جي قدمن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو جنهن علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهندي ٻنهي ائٽمي هٿيارن سان ليس رياستن کي هڪ وڏي تڪرار جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي.