اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪان موجود آهن جڏهن ته ملڪ ۾ پائيدار ۽ منافعو ڏيندڙ ترقي جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڊيجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فورم 2025ع“ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي فورم پاڪستان جي نيشنل ڊيجيٽل ويزن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڊي ايف ڊي آءِ پاڪستان جي آءِ ٽي جي شعبي جي حوالي سان اهم سنگ ميل آهي. هن ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي منڊيءَ تائين پهچ جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن انتهائي ضروري آهي. نائب وزيراعظم چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي پاڪستان جي معيشت کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اڄ دنيا ۾ ڊيجيٽل معيشت کي فروغ ملي رهيو آهي، پاڪستان ۾ عالمي مدي جي ڊيجيٽل ماهر موجود آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان وٽ نوجوان ڊيجيٽل فورس موجود آهي، ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ ڊيجيٽليشن جي حوالي سان نمايان قانونسازي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊي سي او) جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي، پاڪستان ڊي سي او جي صدارت سنڀالن جي تياري ڪري رهيو آهي. محمد اسحاق ڊار ڊيجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فورم جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن وارو فورم ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي ٻه ڀاڱي آبادي 30 سال کان گهٽ عمر ماڻهن تي ٻڌل آهي جڏهن ته اسان وٽ نوجوان ڊيجيٽل فورس موجود آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ فورم ۾ مختلف ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته وڏي انگ ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ڪمپنيون ۽ اسٽارٽ اپس پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪري رهيون آهن. سچي دنيا جي مختلف ملڪن جا وزير ۽ وفد به ان اهم فورم ۾ شريڪ آهن. فورم ۾ ناليواري عالمي آءِ ٽي ڪمپنين جي سي اي اوز پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊي ايف ڊي آءِ فورم 2025ع جو اهتمام آءِ ٽي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊي سي او) جي تعاون سان ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي ڊيجيٽل سيڙپڪاري، ڊيجيٽل معيشت ۾ ترقي ۽ جدت طرازي جو اهم مرڪز بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻن ڏينهن وارو فورم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان کي گلوبل مارڪيٽ تائين پهچ ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.