اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي شپنگ ڪمپني جي پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري ميري ٽائيم شعبي کي عالمي چٽاڀيٽي معيار تي آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي، خطي ۾ واپار ۽ چرپر جي لاءِ پاڪستان جي بطور لنگهه اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شپنگ ڪمپني اي پي مولر – ميرسڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين رابرٽ ميرسڪ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عالمي شپنگ ڪمپني جي پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي گذريل سال اي پي مولر – ميرسڪ سان صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن کي جلد کان جلد معاهدن جي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عالمي شپنگ ڪمپني سان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ حصيداري جي معاهدي جي جوڙجڪ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ ۽ هڪ مهيني جي اندر سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ وسيع پئماني تي مثبت تبديلي ايندي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وسيع سامونڊي وسيلن سان نوازيو آهي، ان شعبي جي صلاحيت مان فائدو کڻي انهن وسيلن کي ملڪ جي بهتري جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته تازي عالمي منظرنامي ۾ خطي ۾ واپار ۽ چرپر جي لاءِ پاڪستان جي بطور لنگهه اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته اسان خطي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ پاڪستان کي هڪ اعتماد جوڳو ۽ موثر اقتصادي لنگهه بڻايون. ملاقات دوران وزيراعظم اي پي مولر – ميرسڪ کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي رابرٽ ميرسڪ وزيراعظم کي ٻڌايو ته پوري دنيا ۾ اي پي مولر– ميرسڪ جي ڪلائنٽس پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، هن خطي ۾ اي پي مولر– ميرسڪ جو پهريون سامونڊي جهاز 1924ع ۾ آيو هو ۽ اڄ خطي ۾ پاڪستان سان اسان جا لاڳاپا ڪنهن به دور جي مقابلي ۾ مضبوط ترين آهن. هن چيو ته پاڪستان جو وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هن خطي ۾ بطور اقتصادي لنگهه اهم ڪردار آهي جيڪو اسان جي ڪمپني جي لاءِ انتهائي اهم آهي. رابرٽ ميرسڪ پاڪستان جي سامونڊي بندرگاهن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي بندرگاهن ۾ لاجسٽڪس جو جديد ترين نظام ۽ ان کي جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري خطي ۾ سمنڊ ذريعي واپار جي لاءِ هڪ منفرد مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. رابرٽ ميرسڪ حڪومت جي معاشي پاليسين کي ساراهيندي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ پرڪشش قرار ڏنو. ملاقات ۾ عالمي شپنگ ڪمپني جو ڊي اي او ڪيٿ سوينڊسن، ڊينمارڪ جو سفير جيڪب لينلف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌري، وزيراعظم جو صلاحڪار سيد توقير شاهه، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.