اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته هن وقت مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال تسلي جوڳي آهي جيڪي تقريبن 16 ارب ڊالرن جي ويجهو آهي ۽ 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن، ناڻي واڌ هڪ انگ ۾ آهي جنهن جي نتيجي ۾ وياج جي شرح کي رڪارڊ 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو تائين آندو ويو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم عالمي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان جي معدني شعبي کي دريافت ڪرڻ، حڪومتي پاليسين سڌارن کي ڄاڻڻ ۽ وڏي پيماني تي کاڻين جي کوٽائي جي صلاحيت کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ باب ثابت ٿيندو. اهڙو اظهار هن آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (اوگرا) ۾ پرڏيهي سفيرن کي 8 کان 9 اپريل تائين هتي رٿيل پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 25ع جي باري ۾ رٿيل بريفنگ دوران ڪيو. هي فورم 8-9 اپريل 25ع تي جناح ڪنوينشن سينٽر، اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ عالمي وزير، ناليواريون ڪمپنيون، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ صنعت جا ماهر پاڪستان جي معدني وسيلن جي صلاحيت کي دريافت ڪندا. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي زوير مختلف ملڪن جي وفدن کي پاڪستان جي وسيع معدني وسيلن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪي پاڪستان جي معدني شعبي جي مستقبل کي جوڙيندا. وفاقي وزير پاڪستان طرفان گذريل هڪ سال ۾ سڌارن جي مشڪل سفر تي روشني وڌي جيڪو عالمي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن جي مدد ۽ عوام جي حمايت سان ممڪن ٿيو. هن چيو ته اڄ ذخيرن جي صورتحال ڪافي بهتر نظر اچي رهي آهي جيڪو تقريبن 16 ارب ڊالرن جي ويجهو آهي ۽ 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي وسيع معدني ذخيرن تي زور ڀريو جن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏا ٽامي ۽ سون جا ذخيرا به شامل آهن. سندس چوڻ هو ته پي ايم آءِ ايف-25 عالمي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان جي معدني شعبي کي دريافت ڪرڻ، حڪومتي پاليسي سڌارن جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ وڏي پيماني تي کاڻين جي کوٽائيءَ جي صلاحيت کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ دروازو ثابت ٿيندو. سعودي عرب، چين، آمريڪا، ڪئنيڊا، آذربائيجان، ازبڪستان، قزاخستان، ترڪمانستان، چيڪ ريپبلڪ ۽ انڊونيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سفير ۽ نمائندن ان بريفنگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي معدني شعبي ۾ هي فورم سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي دريافت ڪرڻ لاءِ عالمي اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. هن تاريخي ڪانفرنس دوران ٻن ڌار ڌار شعبن ذريعي ملڪ جي وسيع غير دريافت ٿيل معدني ذخيرن کي پيش ڪيو ويندو. پهرئين نمبر تي اسٽريٽڪ ڪانفرنس ۾ اهم پينل مباحثن کي اجاگر ڪيو ويندو، جيئن کاڻين جي کوٽائي جي ترقي ۾ ذميداراڻي اؤسر کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي معروف معدني وسيلن ۽ـ ٽيڪنالاجيز جي نمائش شامل آهي. تقريب ۾ پاڪستان جي هاڻوڪي پاليسي سڌارن ۽ نيشنل منرل هارمونائزيشن فريم ورڪ جو تعارف، اداره جاتي سڌارن يج تعمير ۽ پائيدار توانائيءَ جي منتقلي لاءِ عزم کي به پيش ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي معدني شعبي جي ترقيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ ويزن جي باري ۾ سڌيءَ ريت ڄاڻ حاصل هوندي، جيڪو ان کي هڪ پُرڪشش سيڙپڪاريءَ واري مقام طور مضبوط ڪندو.