اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ميثاق معيشت جي تياري جهڙا قدم تعريف جوڳا آهن، اهڙا قدم هن وقت ان لاءِ ضروري آهن جڏهن سياسي پارٽيون هڪ گڏيل اقتصادي مقصد تي متفق آهن، حڪومت صنعتن لاءِ توانائي جي قيمتن کي وڌيڪ معقول بنائڻ، روانگي واپار ۽ صنعتي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايف پي سي سي آءِ جو صدر ميان عاطف اڪرام، پيٽرن ان چيف ايس ايم تنوير ۽ ايف ايف اسٽيل جي چيف ايگزيڪيوٽو سينيٽر نعمان وزير ڪري رهيو هو. ملاقات جو مقصد ايف پي سي سي آءِ جي تيار ڪيل ميثاق معيشت کي ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم آڏو پيش ڪرڻ هو. وفد ميثاق تي تفصيل سان روشني وڌي ۽ ٻُڌايو ته ان جو مقصد اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ، پاڪستان کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ، ملڪ جي ترقي ۽ اقتصادي اؤسر کي ترجيح ڏيڻ ۽ خاص طور تي وڌندڙ آباديءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي جنهن ۾ نوجوانن جو حصو خاص طور تي اهم آهي. سينيٽر نعمان وزير خٽڪ ميثاق معيشت ۾ شامل تجويزن ۽ سفارشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ توانائي، ماليات، صنعت ۽ صحت جهڙن اهم شعبن ۾ ماهر گروپن جي قيام جي صورت ۾ خاص سول سروسز جي نئين سر جوڙجڪ به شامل هئي ته جيئن پاليسي سازي ذريعي بهتر فيصلا ڪري سگهجن. چارٽر ۾ شمسي توانائي، هوا مان توانائي جي ذريعن تي توجهه ڏيڻ ۽ چٽاڀيٽي واپاري ڪنٽريڪٽ مارڪيٽ لاءِ ويلنگ چارجز کي وڌ کان وڌ 4 رپيا في ڪلو واٽ تائين رکڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. بريفنگ ۾ علائقائي واپار ۽ ترقياتي مالياتي ادارن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو قرض ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري ۽ 10 سيڪڙو اسٽارٽ اپ لاءِ مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. چارٽر ۾ مستحڪم پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح کي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ غير معياري آمدني واپار کي روڪڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. ٻئي طرف صنعتي ترقي لاءِ ملڪ ۾ هڪجهڙي گيس قيمتن جو ڍانچو واضح ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير ايف پي سي سي آءِ جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ميثاق معيشت جي تياري تي سندن ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جا هن وقت انتهائي ضروري آهن، جڏهن سياسي پارٽيون هڪ گڏيل اقتصادي مقصد تي متفق هجن. ناڻي واري وزير 2020ع ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان گڏجي ميثاق معيشت جي تياريءَ جو حوالو به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان اقتصادي بحاليءَ لاءِ عارضي حل بجاءِ مستقبل، پائيدار ۽ متحده ڪوششن جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير وفد کي اهم شعبن ۾ جاري سڌارن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو جنهن ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام، ٽيڪس توانائي ۽ وفاقي حڪومت ۾ سڌارا شامل آهن. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت صنعتن لاءِ توانائي جي قيمتن کي وڌيڪ معقول بنائڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. ايف پي سي سي آءِ جي وفد ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاڪستان اقتصادي ترقي ۽ صنعتي نوعيت جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي. ملاقات ۾ ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر جا سينيئر آفيسر به شريڪ هئا. ان کان علاوه ڪاروباري طبقي جي ناليوارن ماڻهن ۾ ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام، سينيٽر نعمان وزير، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جي پيٽرن ان چيف ايس ايم تنوير، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ، اسلام آباد چيمبر جي اڳوڻي صدر احسن بختاوري، گارڊ گروپ جي مؤمن ملڪ، دخي اعجز، طارق محمود، ناصر قريشي ۽ ٻيا شامل هئا.