اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي وزارت چيو آهي ته مُک معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي، پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ، جڏهن ته ناڻي واڌ ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ سان معاشي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. فيبروريءَ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين جڏهن ته مارچ ۾ 3 کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي آهي، جنهن موجب جنوريءَ ۾ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 3.002 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوريءَ جي 2.398 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 25.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جنوريءَ ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.940 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوريءَ دوران 2.680 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 5.455 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوريءَ ۾ 4.669 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 16.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 420 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. جنوريءَ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 194 ملين ڊالر، جڏهن ته مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 99.2 ملين ڊالر رهيو. جولاءِ کان جنوريءَ تائين جي مُدي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.948 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. 14 فيبروريءَ تي ايڪسچينج ريٽ 279.21 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 14 فيبروريءَ تي 279.32 رپيا هو. جولاءِ کان ڊسمبر جي مُدي ۾ ايف بي آر جي مجموعي اوڳاڙين جو ڳاڻيٽو 6497.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 5149.6 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 26.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جنوريءَ ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 872.6 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوريءَ دوران 680.3 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 23.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ کان ڊسمبر تائين نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 3602 ارب رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 1979.1 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 82 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ کان ڊسمبر دوران مالي خساري جو ڳاڻيٽو 1537.9 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي هن مُدي ۾ 2407.8 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 36.1 سيڪڙو گهٽ آهي. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 3603.7 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي هن مُدي دوران 1812.2 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 98.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين جولاءِ کان 14 فيبروريءَ تائين جي مُدي ۾ نجي شعبي کي 742.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل سال جي هن مُدي دوران 246.8 ارب رپيا هئا. گذريل سال جون جي پڄاڻيءَ تي پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو هو جيڪو 7 جنوري 2025ع تي گهٽ ٿي 12 سيڪڙو ٿي ويو. ناڻي وزارت موجب جنوريءَ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو مجموعي اهڃاڻ 2.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوريءَ ۾ 28.3 سيڪڙو هو. جولاءِ کان جنوريءَ تائين جي مُدي ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو سراسري ماهوار اهڃاڻ 6.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي هن مُدي ۾ 28.7 سيڪڙو هو. ناڻي وزارت موجب 25 فيبروري تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک 14528 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 24 فيبروري 2024ع تي 63306 پوائنٽس هو. هڪ سال جي مُدي ۾ 100 انڊيڪس ۾ 80.9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. 25 فيبروريءَ تي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 50.5 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 24 فيبروريءَ تي 32.7 سيڪڙو هو. هڪ سال جي مُدي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن ۾ 54.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 16.5 سيڪڙو اؤسر رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي وزارت موجب زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ حڪومت مختلف قدم کڻي رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته سازگار موسمياتي سببن جي ڪري پيداواري هدف جي لحاظ کان اهم حيثيت رکي ٿو. باراني علائقن ۾ سوڪهڙي سبب ربيع جي فصلن لاءِ دٻاءُ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ ماهوار بنيادن تي ايندڙ ڪجهه مهينن دوران بحالي متوقع آهي. مشينري ۽ خام مال جي آمدني واپار ۾ واڌ سان صنعتي سرگرميون تيز ٿينديون، اهڙيءَ طرح سيمنٽ جي کپت ۾ به تيزي اچي رهي آهي، مهانگائيءَ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائيءَ جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۾ به لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي، جنهن سان ڪاروباري اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. فيبروريءَ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين جڏهن ته مارچ ۾ 3 کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.