اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۽ صنعتي تعاون کي سگهه ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي ڪاميابي سان لاڳو ڪرڻ، واپاري ڪاٿو 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا جڏهن ته ٻنهي ملڪن بين المذاهب ۽ ثقافتي هم آهنگي، مذهبي ڀائيچاري جي نظرين کي فروغ ڏيڻ، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي کي مستحڪم بنائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٻن ڏينهن جي ازبڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي جاري گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 – 25 فيبروري 2025ع تي جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي دعوت تي جمهوريه ازبڪستان جو سرڪاري دورو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن دوستي ۽ اعتماد جي جذبي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن موجوده صورتحال ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي امڪانن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جمهوريه ازبڪستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ گذريل 33 سالن دوران وڌندڙ اعليٰ سطح جي گڏيل تعاون کي ساراهيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزمايل دوستي ۽ گهري ثقافتي ۽ روحاني لاڳاپن تي ٻڌل آهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن جي فروغ ۽ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون کي نئين سطح تائين وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌي رهيا آهن ۽ جمهوريه ازبڪستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ بابت گڏيل پڌرنامو جنهن تي 16 جولاءِ 2021ع ۽ 4 مارچ 2022ع تي صحيحون ڪيون ويون تنهن ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريه ازبڪستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان دوستي، برابري ۽ گڏيل احترام جهڙن قدرن تي قائم اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهندا. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت سان گڏوگڏ ٻنهي رياستن جي عوام جي ڊگهي مدي واري قومي مفادن کي پورو ڪرڻ واري پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جو پختو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن باقاعده سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ اڳڀرائي ۽ توسيع بشمول رسمي ۽ غيررسمي سربراهي اجلاسن جي شڪل ۾ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو. ان سلسلي ۾ هن 13 آڪٽوبر 2022ع تي ايشيا م ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي آستانه ڪانفرنس ۽ 12 نومبر 2024ع تي باڪو ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي فريم ورڪ جي اندر ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي نتيجن جو مثبت جائزو ورتو ۽ ٻنهي ڌرين وڌيڪ توسيع جي اهميت تي زور ڏنو. بين الپارلياماني رابطا سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ انساني همدرديءَ جي تعاون جي صلاحيت کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ دوستي جي روايتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار آهن. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن 4 – 3 نومبر 2024ع تي تاشقند ۾ منعقد جمهوريه ازبڪستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ واپاري – اقتصادي ۽ سائنسي– ٽيڪنيڪي تعاون تي گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي نتيجن کي اجاگر ڪيو. ازبڪستان ۽ پاڪستان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۽ صنعتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي اقتصادي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ انهن جي عوام جي ڀلائي کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ٻين معاملن سان گڏوگڏ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (2008ع) کي ڪاميابي سان لاڳو ڪرڻ جي ذريعي ايندڙ چئن سالن ۾ واپاري ڪاٿي کي 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ آهي جڏهن ته هڪ ٻئي جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ بي ٽو بي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي هم آهنگي ۽ اقتصادي ترقي جي ذريعي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. هنن چيو ته ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ڪوريڊور پوري خطي جي لاءِ سڀ کان موثر ۽ اقتصادي واپاري رستو آهي. هنن ان روٽ تي ڪارگو ٽرانسپورٽيسن جي وڌندڙ ماپي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي پراجيڪٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ان جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٽرانسپورٽ روٽس جي استعمال جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ خاص طور تي ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ترقي سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ خدمتن جي سهولت جي موقعن کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ ٻنهي اڳواڻن ٽرانس افغانستان ريل روڊ جي تعمير جي منصوبي تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (مزار شريف کان خرلاچي) ريلوي منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي رضامندي جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان ۽ پاڪستان عالمي ميدان ۾ تعاون کي مستحڪم ڪندا رهندا ۽ امن جي قدمن کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ ٻئي کي جامع تعاون فراهم ڪندا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻي رخي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ عالمي سطح تي ويجهي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ان مقصد جي لاءِ هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود سياسي ۽ اقتصادي مڪينزم کي استعمال ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ سياسي مشاورت پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ ان جي خصوصي ادارن، اسلامي تعاون تنظيم، اقتصادي تعاون تنظيم، شنگهائي تعاون تنظيم، غيروابسته تحريڪ ۽ ٻين عالمي ۽ علائقائي ڍانچي جي فريم ورڪ سميت ٻين سطح تي رابطا ٺوس ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پيچيده عالمي صورتحال جي ڏس ۾ ٻنهي ڌرين عالمي مسئلن جي حل، پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۾ گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن جي ڪردار کي وڌائڻ جي اهميت تي گڏيل راءِ جو اظهار ڪيو. ازبڪستان ۽ پاڪستان عالمي ادارن ۾ مختلف عهدن جي لاءِ هڪ ٻئي جي اميدوار تي غور ڪرڻ ۽ عالمي قانون کي برقرار رکڻ ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن کي وڌائڻ جو وچن ڪيو. پاڪستان 2025ع ۾ ثمرقند ۾ يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس جي 43هين اجلاس جي انعقاد جي شاندار آجيان ڪئي. ان کانسواءِ پاڪستاني ڌر ڊبليو ٽي او ۾ ازبڪستان جي الحاق ۽ تنظيم ۾ ازبڪستان جي جلد الحاق جي لاءِ ان جي حمايت بابت ورڪنگ گروپس جي اجلاسن ۾ پنهنجي باقاعده شرڪت جو ذڪر ڪيو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن انهن ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو جن جو مقصد افغانستان کي هڪ پرامن ۽ خوشحال رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪا دهشتگرد گروهن جو موثر طريقي سان مقابلو ڪندي هجي ۽ ڪنهن به ملڪ خاص طور تي ان جي پاڙيسرين کي موجود خطرن کي روڪندي هجي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي علائقائي حالتن بشمول انهن جي بنيادي ڳڻتي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب سمورن مسئلن جو پرامن حل وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ٻنهي خطن ۽ ان کان ٻاهر ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو. ٻنهي ڌرين فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد سان گڏوگڏ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين بين المذاهب، ثقافتي ۽ بين النسلي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ مذهبي ڀائيچاري جي نظرين کي فروغ ڏيڻ، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ثقافتي ۽ انساني لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي روحاني ويجهڙائپ کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ثقافتي ڏهاڙا، گڏيل نمائشُون ۽ ڏڻ منعقد ڪري گڏيل ثقافتي ورثي کي مقبول بڻائڻ کي هٿي ڏني ويندي. هنن تعليم، سائنس، صحت جي سارسنڀال، سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ راندين ۾ تعاون کي مسلسل وڌائڻ جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. پڌرنامي ۾ اهو به چيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ۽ ازبڪستان جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ ازبڪستان جي اڳواڻ کي جامع تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مناسب وقت تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٿورن سان دعوت قبول ڪئي. دوري جي تاريخ تي سفارتي ذريعن سان اتفاق ڪيو ويندو.