اسلام آباد -26 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريئيٽ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پريس رليز مطابق وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر کي توانائي سيڪٽر ۾ موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ نظم و ضبط آڻڻ لاءِ کنيل مختلف قدمن سان گڏوگڏ گهريلو ۽ صنعتي صارفين لاءِ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ کنيل قدمن ۽ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل بابت آگاهه ڪيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل سال پاڪستان پنهنجي ڪل بجلي جي پيداوار جو 55 سيڪڙو کان وڌيڪ تجديد جوڳي ۽ صاف ذريعن سان پيدا ڪيو. هن چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبا بندي ۾ هڪ به فوسل فيول پلانٽ ناهي، جيڪو ملڪ ۾ تجديد جوڳو ۽ صاف توانائي جي نئين حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. ان موقعي تي وفاقي وزير موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ برطانوي حڪومت ۽ ان جي ترقياتي ادارن سان ڊگهي شراڪتداري کي ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر موجوده حڪومت طرفان ڪيل سمورن سڌارن کي ساراهيو ۽ توانائي جي شعبي ۾ جاري سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ برطانوي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ پاور ڊويزن جا ٻيا عملدار به موجود هئا.