اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني بينچ ڪئي. جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن. وڪيل عزيز ڀنڊاري دليل جاري رکندي چيو ته آرمي ايڪٽ ڪالعدم ٿي ويو ته به دهشتگردي ٽوڙ جو قانون موجود آهي. هڪ کان وڌيڪ فورمز موجود آهن ته ڏسڻو پوندو ته ملزم جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪٿي يقيني هوندو. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪورٽ مارشل عدالتي ڪارراوئي ناهي هوندو؟ عزيز ڀنڊاري چيو ته ڪورٽ مارشل عدالتي اختيار هوندو آهي پر صرف فوجي اهلڪارن لاءِ سويلين لاءِ نه. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته سويلين جي هڪ ڪيٽيگري به آرمي ايڪٽ جي زمري ۾ اچي ٿي، اهو فرق ڪيئن ٿيندو ته ڪير سويلين آرمي ايڪٽ ۾ اچي ٿو ۽ ڪير نه. آرٽيڪل 245 جو حوالو ته ان ڪيس ۾ غير لاڳاپيل آهي، آئين ۾ فوج کي 2 طرح جا اختيار ڏنا ويا آهن، هڪ اختيار بچاءُ جو آهي ۽ ٻيو سول حڪومت جي مدد ڪرڻ جو. جسٽس امين الدين خان سوال ڪيو ته آرٽيڪل 245 جي دليل مڃي وٺون ته فوج پنهنجي ادارن جو دفاع ڪيئن ڪندي؟ جي ايڇ ڪيو تي حملو ٿئي ته ڇا آرٽيڪل 245 جي نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪيو ويندو؟ وڪيل جواب ڏنو ته ڪو گوليون هلائي رهيو آهي ته دفاع لاءِ ڪنهن جي اجازت وٺڻي ناهي پوندي، جڏهن حملو ٿئي ته پوليس ۽ فوج سميت سمورا ادارا حرڪت ۾ ايندا آهن. سپريم ڪورٽ ماضيءَ ۾ لياقت حسين ڪيس ۾ اهو نُڪتو طئي ڪري چڪي آهي. عدالت قرار ڏئي چڪي فوج جيڪڏهن ڪنهن حملي آور کي گرفتار ڪندي ته سول عملدارن حوالي ڪيو ويندو. فوج پڪڙيل ماڻهوءَ جي حوالي سان سول عملدارن جي معاونت ضروري ڪري سگهي ٿي. جسٽس نعيم افغان پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن فوجي ۽ سويلين گڏجي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪن ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل جواب ڏنو ته اهڙي صورت ۾ ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ئي هوندو. جسٽس جمال خان مندوخيل سوال اُٿاريو ته آرمي ايڪٽ بنائڻ جو مقصد ڇا هو، اهو سمجهه ۾ اچي وڃي ته اڌ مسئلو حل ٿي ويندو، آئين ۾ ان کي واضح لکيو آهي ته آرمڊ فورسز سان لاڳاپيل قانون، عزيز ڀنڊاري مؤقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 8 جو ذيلي سيڪشن 3 صرف آرمڊ فورسز لاءِ آهي. جسٽس مسرت هلالي پُڇا ڪئي ته ايف بي علي ڪيس ايترو اهم ڇو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته منهنجو خيال آهي ته بينچ وڪيلن جي دليلن کي مس ڪري رهيو آهي. سلمان اڪرم راجا ڀارت ۾ ڪورٽ مارشل لاءِ ڌار فورم جي ڳالهه ڪئي هئي. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته منهنجي نظر ۾ سلمان اڪرم راجا جو مؤقف مختلف هو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالت دليلن جي پابند ناهي، آئين موجب پاڻ به فيصلو ڪري سگهي ٿي. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ڇا آرمي ايڪٽ ۾ 2 ڊي شق کي شامل ڪرڻ ايڪٽ آف پارليامينٽ هو، جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ تي حملو ٿئي ته ٽرائل ڪورٽ ڪٿي ٿيندو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 245 تحت فوج گُهرائڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته عدالتون هلائڻ جو اختيار به ڏنو وڃي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته چون ٿا ته احتياط علاج کان بهتر آهي، اسان دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيڻ کان اڳ انهن جو ازالو ڇو نٿا ڪريون. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته تاريخ ڏسون ته 1971ع ۾ به فوجي ٺڪاڻن تي حملا ٿي رهيا هئا، اتي هڪ سياسي پارٽي ڪنهن ليڊر جي گهر، گورنر هائوس يا ڪنهن ٿاڻي تي حملو ناهي ڪري رهي، هتي فوجي ٺڪاڻن تي هڪ ئي وقت مختلف شهرن ۾ حملا ڪيا ويا، جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته انارڪي پکڙجندي جيڪا مستقبل لاءِ خطرناڪ هوندي. هڪ چوڻي آهي جنهن جي هٿ ۾ هٿوڙي هجي ان کي هر شيءِ ڪوڪو نظر اچي ٿي. جسٽس محمدعلي مظهر چيو ته اسان ڪنهن قانون کي آئيني روشنيءَ ۾ پرکيون ٿا، ناڪاري ۽ هاڪاري هئڻ جي بنياد تي نه. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ملٽري ڪورٽس ڪيس جي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اي پي پي/ز – ج/ح – ق 19:59