اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي واري وزارت کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جتي ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي فيصلا ٿين. پلانگ ڪميشن کي ڊاڪٽر محبوب الحق ۽ سرتاج عزيز جهڙين شخصيتن جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنيل شعبن ۾ ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي وزارت ۾ اداري جاتي سڌارن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلانگ، پلانگ ڪميشن جي ميمبرن ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته منصوبا بندي واري وزارت کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پلانگ ڪميشن ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه مان بهترين ٽيلينٽ گڏ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته پلانگ ڪميشن کي ئي ملڪ جي مستقبل جي منصوبا بندي ڪرڻي آهي. هن چيو ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن کي گرمين جي موڪلن دوران انٽرن شپ پروگرام فراهم ڪيا ويندا. هن وزارت ۾ ڊيجٽيلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري وزارت جي ٽيڪنيڪل شعبن، آءِ ٽي ونگ ۽ پروجيڪٽس ونگ کي هڪ مربوط ٽيڪنيڪل پلاننگ گروپ تحت ضم ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي جنهن جو مقصد وزارت جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي. ان گروپ تحت گريڊ 17 جون سمورين ڀرتيون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اوپن ڪمپيٽيشن تي ڪيون وينديون ته جئين شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي مقررين کي يقيني بڻائي سگهجي. جڏهن ته پاڪستان پلانگ اينڊ مينجمنٽ انسٽيٽيوٽ ۾ ٻن مهينن جو انڊڪشن ڪورس متعارف ڪرائڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي جنهن کان پوءِ فائنل پاسنگ آٽ امتحان ورتو ويندو ته جئين آفيسرن جي پيشور مهارتن کي جانچي سگهجي. وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي آفيسرن کي واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي واقعي پنهنجي واعدن کي مڪمل ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي جي رفتار ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سستي، ڪاهلي، نااهلي ۽ ڪرپشنن کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزارت منصوبا بندي ،ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن، ڪارڪردگي ۾ اضافي، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ، عالمي معيار سان هم آهنگي ۽ ڊيٽا تي مشتمل فيصلا سازي تي ڌيان ڏيندي. وفاقي وزير چيو ته منصوبا بندي واري وزارت کي جديد ۽ اعليٰ معيار جو بڻائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ ترقي جون سموريون صلاحيتون موجود آهن، ضرورت صرف اڻٿڪ محنت ۽ صحيح رخ ۾ ڪم ڪرڻ جي آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته منصوبا بندي واري وزارت کي نئين دور جي تقاضائن موجب جديد ڪيو ويندو ته جئين قومي ترقي واري عمل ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهجي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وزارت ۾ جدت آئڻي پوندي. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ته جيئن پاڪستان جي مستقبل کي وڌيڪ روشن ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي.