
ڊيره غازي خان -22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره غازي خان ۾ ڪينسر اسپتال ۽ راجن پور ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ترقياتي رٿائن جو وسيع نيٽ ورڪ پکيڙي ڏکڻ پنجاب جهڙي پٺتي پيل علائقي جي ترقي سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪجهڙي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهي، اسان پاڪستان جي تقدير بدلينداسين، پاڪستان ترقي ڪندو، زراعت، صنعت ۽ روانگي واپار واري صنعت جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڊيره غازي خان جي دوري دوران عظيم الشان عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي جلسي گاهه پهچڻ تي ڏکڻ پنجاب جي عوام ڀرپور استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاندار استقبال تي ڊيره غازي خان ۽ وسيب جي عوام جو ٿورو مڃيو ۽ پنهنجي خطاب پنهنجي ۾ هن چيو ته ڏکڻ پنجاب خاص طور تي ڊيره غازي خان جي عوام جيڪا محبت ڏني ان جو احسان سڄي زندگي ادا نٿو ڪري سگهان. وزيراعظم چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف جو ويزن ملڪ جي ترقي آهي، نواز شريف پنهنجي حڪومتي طور ۾ ۽ پنجاب جي خادم اعليٰ طور ڏکڻ پنجاب لاءِ هميشه ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ترقياتي اسڪيمن جي ڪوٽا وڌيڪ رکي جيڪو ڪو احسان نه هو، پر اوهان جو حق هو. هن چيو ته مريم نواز شريف هاڻي پوري پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب جي هن خطي ۾ اسپتالن جو ڄار وڇائي رهي آهي ۽ مفت دوائن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. ليپ ٽاپ، هاري ڪارڊ جي فراهمي ڪئي پئي وڃي، دل ۽ جگر جا ٽرانسپلانٽ سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن، سرگوڌا ۾ به دل جي هڪ وڏي اسپتال قائم ڪئي پئي وڃي ۽ لاهور ۾ نواز شريف ڪينسر اسپتال بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته هتي به اسپتال بڻجڻ گهرجي جنهن تي مان اعلان ڪيان ٿو ته ڊيره غازي خان ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان سياست تي ملڪ کي ترجيح ڏني، ڏينهن رات جي محنت سان مهانگائي جي شرح 40 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 2.4 سيڪڙو تي آئي آهي، ڪاروباري ماڻهن، هارين، سيڙپڪارن لاءِ بئنڪ جي قرضن جي وياج واري شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترقي پاڪستان جو مقدر بڻجي چڪي اهي، ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، اسان عوام جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته محمد نواز شريف جو ويزن صرف پاڪستان جي ترقي آهي. ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پوئتي نه ڇڏينداسين، ماضيءَ ۾ به پنجاب جي ترقي محمد نواز شريف جي دور ۾ ٿي، هاڻي مريم نواز شريف پنجاب جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائون اوهان جو حق آهن، صحت، تعليم ۽ انڊسٽري جي ترقي لاءِ خادم اعليٰ جي حيثيت سان ڪم ڪيو، هاڻي مريم نواز شريف پنجاب جي عوام لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ رٿائن جو ڄار وڇائي رهي آهي، مريم نواز پنجاب جي گهر گهر ۾ دوائون پهچائي رهي آهي، هوءَ هر دروازي تان سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪوشان آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته مهانگائي چوٽ چڙهيل هئي، ان وقت فيصلو ڪرڻو هو ته سياست بچايون يا ملڪ بچايون ته نواز شريف شريف سياست قربان ڪري ملڪ کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان ان مقام تي پهتا آهيون جو هاڻي ترقي ۽ خوشحالي جو دور شروع ٿيندو. وزيراعطم چيو ته منهنجي لاءِ سمورا صوبا برابر آهن، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن سان گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قرضن سان ترقي نه ڪندو، دعا ڪيو ته پاڪستان جا قرض ختم ٿي وڃن، آبادگار بهترين فصل پوکين، صنعتن جي چمنين مان دونهان نڪرن ۽ پاڪستان جو ڪاروبار چمڪي. هنچ يو ته وسيب جي ڀائرن ۽ بزرگن سان گڏجي اسان پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين، مون کي اميد آهي ته اها تقرير بدلبي ۽ ملڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڊيره غازي خان وارن جا مسلم ليگ (ن) تي احسان آهن، سڄي عمر به اوهان جي خدمت ڪيان ته به اوهان جو احسان نٿو لاهي سگهان. هن چيو ته راجن پور ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيان ٿو، وزيراعظم چيو ته پنهنجي سمورن پرڏيهي دورن ۾ پاڪستان جي ترقي کي پهرين ترجيح ڏني آهي، هڪ سال ۾ ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زراعت، صنعت ۽ روانگي واپار واري صنعت جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين، بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته سردار اويس احمد لغاري۽ وسيب جا نمائندا رات ڏينهن محنت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي، احتجاج ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست جو خاتمو نه ٿو ٿئي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قربانين کي نه وسارينداسين. خارجي طاقتون پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون ڪيون پيون وڃن، هڙتالن ۽ ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچايو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيستائين سسي ۾ ساهه آهي، اسان پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، وزيراعظم ليه پل کي مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته اسان ڳالهين نه پر هميشه ڪم تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم چيوته هاڻي ڊيره غازي خان جي ترقي ڏسڻ ايندس. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناء الله، سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي وارو وفاقي وزير اويس لغاري ۽ ڊيره غازي خان جون ٻيون نامور شخصيتون به موجود هيون. ان کان ڊيره غازي خان مان قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وفاقي وزير سردار اويس لغاري جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم کي ڊيره غازي خان اچڻ تي ڀليڪار چيو . هن چيو ته اڄ جلسي گاهه ۾ موجود عوام وزيراعظم شهباز شريف جي ترقي جي ويزن کي سلام پيش ڪرڻ آيو آهي، عوام وزيارعظم شهباز شريف جي ترقي پسند سوچ کي پسند ڪريٿو. اويس لغاري چيو ته وزيراعظم ڊيره غازي خان کي 131 ارب روپين جون ترقياتي رٿائون تحفي ۾ ڏنيون آهن، جنهن تي سندس شڪر گذار آهيان. مسلم ليگ(ن) پنهنجي سياست قربان ڪري ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته مريم نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پنجاب ڏينهن رات ترقي ڪري رهيو آهي. شهباز شريف ايبسليوٽلي ناٽ جي سياست کي رد ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو. هن خطي جي عوام کي اوهان مان وڏيون اميدون آهن. اويس لغاري چيوته سردار فاروق لغاري ايئرپورٽ ڊيره غازي خان جي ترقي لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو. ان کان اڳ جلسي گاهه پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ڊيره غازي خان جي سياسي قيادت وزيراعظم کي ڀرپور انداز ۾ ڀيلڪار چيو، جڏهن ته جلسي گاهه ۾ موجود شرڪت ڪندڙن ڀليڪار جا نعره لڳايا. ان موقعي تي سردار جمال خان لغاري به خطاب ڪيو ۽ علائقي جي عوام سان محبت ۽ ترقياتي رٿائن تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو.