واشنگٽن-22 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوج جي اعليٰ ترين عهدي تي مقرر چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ ايئر فورس جنرل چارلزسي ڪيوبران کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صدر ٽرمپ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي برطرفي جو اعلان ڪندي چيو ته هو فوج جي پنج اعليٰ عهدن تي به تبديليون ڪندو. صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پوسٽ ۾ لکيو ته هو سي ڪيو بران جي جاءِ تي ريٽائرڊ ليفٽنينٽ جنرل ڊين رازن ڪين کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي عهدي لاءِ نامزد ڪندو. ڊين رازن ڪين ايف 16جو پائليٽ رهي چڪو آهي ۽ تازو ئي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي ۾ عسڪري معاملن جي ايسو سي ايٽ ڊائريڪٽر طور تي فرض ادا ڪري رهيو هو. آمريڪي دفاع واري کاتي چيو آهي ته صدر ٽرمپ نيوي جي سربراهه ايڊمرل ليسافريچيٽي، فضائيه جي وائس چيف آف اسٽاف سميت آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي به برطرف ڪندو.