اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي اسلامي جمهوريه ايران جي خابرو اداري ارنا جي سربراهه ڊاڪٽر حسين جابري انصاري ۽ سندس ٽيم کي صحافت جي شعبي ۾ ان جي اداري جي 90 سالن جي خدمتن جو ناقابل يقين سنگ ميل عبور ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ”اي پي پي“ جي ايم ڊي ارنا جي ايم ڊي کي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته سچائي، شعور ۽ ترقي لاءِ اوهان جي اداري جي پختي عزم سان عام راءِ جوڙڻ ۽ قوم جي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل 90 سالن دوران اسلامي جمهوريه ايران جو خابرو ادارو ارنا قابل اعتماد ڄاڻ شهرين کي علم سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ ۽ آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت جي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جو ذريعو رهيو آهي. هن چيو ته هي غيرمعمولي ڪاميابي اوهان جي سخت محنت، ديانتداري ۽عظيم تر ڀلائي لاءِ لگن جو ثبوت آهي، هن چيو ته جڏهن اوهان هن تاريخي لمحي جو جشن ملهائي رهيا آهيو ته اسان ايندڙ سالن ۾ مسلسل ڪاميابي ۽ نواڻ لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته اوهان ايندڙ نسلن جي ترغيب، آگاهي ۽ رهنمائي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته اي پي پي ۽ ارنا وچ ۾ 1981ع کان خبرن جي ڏي وٺ ۽ گڏيل مفادن سميت علائقائي ۽ عالمي ترقي جي خبرن جي مٽاسٽا جو معاهدو آهي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر عاصم کچي چيو ته دنيا هاڻي هڪ گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجي ماڻهن کي سڌي ريت ۽ قابل اعتماد ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ علائقائي خابرو ادارن وچ ۾ خبرن جو تعاون ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جون سرڪاري نيوز ايجنسيون اي پي پي ۽ ارنا درست، تيز رفتار ڄاڻ پکيڙي رهيون آهن ۽ پنهنجي صارفين ۽ ٻڌندڙن کي واقعن جو حقيقي تصور فراهم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اي پي پي ۽ ارنا وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي کي ڀائر ملڪن جي عوام جي فائدي لاءِ وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو.