اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان قازقستان جي سفير برزهان ڪستافن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي رشتا صدين تي ٻَڌل آهن، جيڪي قديم شاهراهه ريشم ذريعي مستحڪم بڻيا. ڪوئيٽه، پشاور ۽ ملتان جهڙا شهر قازقستان جي شهرن اوترا ۽ الماتي سان ڳنڍيل رهيا آهن جيڪي اسان جي مضبوط ناتن جو تاريخي بنياد آهن. وقتي چيئرمين سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو منصوبو قازقستان کي گرم پاڻين تائين پهچ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏئي ٿو. هن خطي ۾ استحڪام لاءِ قازقستان جي حمايت جو شڪريو ادا ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته افغانستان ۾ جٽادار امن جي قيام لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار اڻٽر آهي. وقتي چيئرمين تاريخي حوالن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1991ع ۾ قازقستان جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو. 1992ع ۾ قازقستان جي پهرين صدر نور سلطان نظربايوف جي پاڪستان جي دؤري ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ناتن جو مضبوط بنياد رکيو، جنهن کانپوءِ اعليٰ سطحي ملاقاتن ذريعي وڌيڪ تقويت ڏني وئي. هن 1995ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قازقستان جي دؤري جي حوالو ڏيندي چيو ته ان دؤري دوران ٿيل معاهدا ٻه طرفي سيڙپڪاري ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ثابت ٿيا. 2010ع ۽ 2011ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي قازق قيادت سان ملاقاتن واپاري، توانائي ۽ علائقائي سلامتي جي شعبن ۾ ناتن کي مستحڪم ڪيو. وقتي چيئرمين ٻه طرفن اقتصادي سهڪار ۾ ٿيل اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامن جي شروعات کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ گڏيل بزنس ڪائونسل جي قيام جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قازقستان سان واپاري ۽ اقتصادي ناتا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهن ۽ گوادر بندرگاهه ذريعي وچ اوڀر ۽ آفريقا تائين سڌيءَ ريت واپاري موقعن کي وسعت ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري ڳاڻيٽي کي ساراهيندي زور ڀريو ته گڏيل احترام ۽ سهڪار جي بنياد تي ٻئي ملڪ پنهنجي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. ٻئي پاسي سينيٽ جي وقتي چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته عوامي مرڪزيت تي ٻَڌل سفارتڪاري، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ناتن جو بنياد رهي آهي، مستقل ۾ به اهو خوشحاليءَ جو سبب بڻبي. قازقستان جي سفير، سينيٽ جي وقتي چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته قازقستان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا مضبوط ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مواصلات جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي زور ڀريو. واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي حوالي سان هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ واپاري وفدن جي مٽاسٽا انتهائي ضروري آهي، ان سلسلي ۾ گوجرانوالا، سيالڪوٽ، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن جا دؤرا ڪري اتان جي واپاري ڪميونٽي ۽ پاڪستان جي وڏي ڪمپنين سان واپار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان سان واپار جي وسيع گنجائش موجود آهي، فارماسيوٽيڪل، چمڙي، راندين جي سامان، ٽيڪسٽائيل وغيره ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسان لاءِ انتهائي اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت تمام وڌيڪ آهي ۽ ان ڳالهه کي ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، ان لاءِ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا عمل ۾ آندي ويندي آهي. هن وقتي چيئرمين کي قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.