اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي مددگار رومينه خورشيد عالم ماحولياتي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي بحران جو اثر صرف ماحول تي نٿو پوي پر اهو معاشي، سماجي ۽ ثقافتي شعبن کي به متاثر ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن صنفي حساس ۽ ماحولياتي قدمن جي حوالي سان رٿيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ماحولياتي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ معاشري جي سمورن ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، خاص طور تي عورتن کي ان عمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عورتون ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون ۽ کين ان حوالي سان آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن هو پنهنجي خاندان ۽ ڪميونٽي کي بهتر طور تي تحفظ ڏئي سگهن. هن چيو ته موسمياتي آفتن جي انفراسٽرڪچر، روزگار ۽ پُٺتي پيل ڪميونٽيز تي تباهه ڪُن اثر مرتب ٿين ٿا. انهن آفتن سبب غذائي کوٽ، صنفي تشدد ۽ گهٽ عمر جي شادين ۾ واڌ ٿئي ٿي جيڪو هڪ سنگين مسئلو آهي. رومينه خورشيد عالم 22ع جي ٻوڏ جو ذڪر ڪندي چيو ته ان آفت ملڪ کي سخت مالي نقصان پهچايو، پاڪستان جو عالمي ڪاربن نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پوءِ به ملڪ موسمياتي بحران جا سخت نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي اثرائتي ماحولياتي قدم ۽ سهڪار جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلي جو مقابلو ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي.