ڪراچي-18 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سڄي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي سڄي سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضابطگين، مارڪن جي طريقي ڪار سميت مالي خرچن جي اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ ، ڊي جي آڊٽ کي سال 2022ع کان سال 2024ع تائين سڀني تعليمي بورڊن جي 3 سالن جي خصوصي آڊٽ ڪري 4 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته پي اي سيءَ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي تعليمي بورڊن جي اسپيشل آڊٽ لاءِ ٽي او آرز ٺاهي هڪ هفتي اندر ڊي جي آڊٽ کي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سعديه جاويد، خرم ڪريم سومرو سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ، ڪراچيءَ جي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه سميت ٻين تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي سال 2016ع کان سال 2017ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضابطگين تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ کي سواليه نشان قرار ڏئي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن جو معيار اِهو بڻجي چڪو آهي ته الزام لڳائي رهيا آهن ته بورڊن ۾ ”پئسا ڏيو ۽ مارڪون وٺو“؟ جيڪڏهن تعليمي بورڊن ۾ پئسا ڏئي اي پلس مارڪون ڏنيون وينديون ته پوءِ شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ فيل ئي ٿيندا. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ حڪومت انٽر تائين تعليم مفت ڪري ڇڏي آهي ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت سڀني تعليمي بورڊن کي امتحاني فيس جي مد ۾ ساليانو 2 ارب روپيا فراهم ڪري رهي آهي پر تعليمي بورڊن پاران امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ سبب تعليم جو معيار سواليه نشان بڻجي چڪو آهي. اِهو نوجوان نسل جي مستقبل جو مسئلو آهي ان لاءِ اسين تعليم تي ڪنهن به صورت ۾ مصلحت نه ڪنداسين. نثار کهڙو چيو ته تعليمي بورڊن جي مالي معاملن ۽ ڪارڪردگيءَ جي مانيٽرنگ ٿيڻ گهرجي ۽ اسين نوجوان نسل جي مستقبل سان ڪنهن کي به کيڏڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن گورک هل جي اسپيشل آڊٽ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ تعليمي بورڊن جي به اسپيشل آڊٽ ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم سومرو ڪراچيءَ جي انٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته فرسٽ ايئر جي نتيجن ۾ هيراڦيريءَ تي انٽر بورڊ جي چيئرمين امير قادريءَ کي هٽايو ويو هو ان معاملي جي جاچ ڪٿي پهتي؟ ۽ تعليمي بورڊن جو مارڪون ڏيڻ جو ڪهڙو نظام آهي؟ ان بابت آگاهه ڪيو ۽ امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ جون شڪايتون ڇو اچي رهيون آهن؟ جنهن تي ڪراچيءَ جي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه پي اي سيءَ کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اميدوارن کي مارڪون گهٽ ڏيون ٿا ته به اِشو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مارڪون وڌيڪ ڏيون ٿا ته به الزام لڳي ٿو. ان لاءِ امتحاني نتيجن جي شفافيت بابت حڪمت عملي تبديل ڪري رهيا آهيون ۽ امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ بابت ڪميٽيءَ جي رپورٽ پڻ جلد منظرعام تي اچي ويندي. ڪميٽيءَ جي ميمبر سعديه جاويد چيو ته تعليمي بورڊن جي اسپيشل آڊٽ ڪرائي وڃي. چيئرمين پي اي سي چيو ته تعليمي بورڊ اصل ۾ قوم جي تعمير تصور ڪيا ويندا آهن پر هتي تعليمي بورڊ قوم جي ڪهڙي تعمير ڪري رهيا آهن؟. تعليمي بورڊن ۾ امتحاني نتيجن بابت شفافيت هوندي ته ٻار دنيا سان مقابلو ڪري اڳتي وڌي سگهندا. اجلاس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن جي سال 2022ع کان 2024ع تائين 3 سالن جي مالي معاملن، مارڪن جي طريقي ڪار سميت مالي بي ضابطگين بابت خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي اسپيشل آڊٽ لاءِ هڪ هفتي ۾ تعليمي بورڊن بابت ٽي او آرز ٺاهي ڊي جي آڊٽ کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڊي جي آڊٽ کي سڀني تعليمي بورڊن جي 4 مهينن ۾ خصوصي آڊٽ مڪمل ڪري ان جي رپورٽ پي اي سيءَ کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.